شيخ، غلام فاطمه

شيخ، غلام فاطمه

غلام فاطمہ شيخ

غلام فاطمہ شيخ : غلام فاطمہ شيخ، سنڌ جي مشھور تحريڪ آزاديءَ جي مرد مجاهد شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ جي ڌيءَ هئي. سندس جنم 1887ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿيو. غلام فاطمہ شيخ طبي ڪاليج دهليءَ جي سند يافتہ نرس هئي. سندس مڙس جو نالو ڊاڪٽر شيخ شمس الدين هو. جنهن سان گڏجي پاڻ ليڊي ڊفرن اسپتال حيدرآباد جي آمهون سامهون هڪ ويم گهر ۽ ان سان گڏ بيواھہ گهر قائم ڪري ڏتڙيل عورتن ۽ لاوارث ٻارن جو علاج ۽ تيمارداري ڪندي هئي. ساڻس گڏ ٻيون بہ سنڌي ناريون رضاڪار طور ڪم ڪنديون هيون. غلام فاطمہ پنھنجي پاڙي ۾ اسٽيشن روڊ تي هندن جو هڪ ڇڏي ويل اسڪول هٿ ڪري ڀارت مان لڏي آيل مهاجرن جي عورتن جي تعليم لاءِ ٻيهر کوليو، جيڪو هن وقت هاءِ اسڪول جي صورت ۾ موجود آهي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران وچ اوڀر جي علائقي ۾ باھہ جا ڀڀڙ ڀڙڪيا تہ اتان جي زخمين جي سنڀال ۽ علاج لاءِ هيءَ عظيم نرس ۽ سندس مڙس سعودي عرب، شام، لبنان ۽ ترڪيءَ جي ملڪن ۾ ويا ۽ اتي رهي زخمي ماڻهن لاءِ بي لوث خدمتون سر انجام ڏنيون. سندس هڪ ڪتاب ‘شيخياڻيءَ جي ڊائري’ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ شيخ '>غلام فاطمہ شيخ ، 94 سالن جي ڄمار ۾، 13 اپريل 1981ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو