غلام فريد جو ڪلام
غلام فريد جو ڪلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري صوفي شاعر خواجا غلام فريد جي چونڊ ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي غلام محمد جکراڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ڏوهيڙا، ڪافيون وغيره شامل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي مرتب جو تعارف ڏنل آهي. ڪلام ۾ غلام فريد جو سنڌي، سرائڪي ڪلام ڏنل آهي. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.