غلام قادر بروهي

غلام قادر بروهي

غلام قادر بروهي

غلام قادر بروهي: اديب غلام قادر بروهي، 1937ع ڌاري ڳوٺ نور محمد بروهي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول زڪريا مهيسر مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1956ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر (آرٽس) 1958ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ بي. ايس ايگريڪلچر 1962ع ۾ زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. ايم. ايس ايگريڪلچر 1985ع ۾ پرائيويٽ بنيادن تي ڪيائين. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1962ع ۾ زرعي توسيع کاتي ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي حيثيت سان ڪيو، جتي محنت ۽ سچائيءَ سان خدمت ڪندي 1982ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر طور ترقي ماڻيائين. کيس ادب سان شروع کان ئي چاهه رهيو آهي. مختلف موضوعن تي مضمون لکندو رهيو آهي. عالمن ۽ بزرگن جي فڪر تي گهري نظر رکندو رهي ٿو. حضرت عبدالقادر جيلاني رح جي سوانح حيات ۽ ان جي فڪر بابت هڪ ڪتاب ‘غوث اعظم رح’ لکيو اٿس، جيڪو غوث رح جي سوانح، تعليمات ۽ ان وقت جي تاريخي جائزي تي مشتمل آهي. غلام قادر بروهي وڏي عمر باوجود ادبي خدمتون جاري رکيو اچي.


لفظ غلام قادر بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو