غلام قادر شاهه لڪياري، سيد: سيد غلام قادر شاهه لڪياري، 10 جنوري 1910ع تي تعلقي ڪنڊياري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻنڊي عطل شاهه ۾ ڄائو. سنڌي چئن درجن تائين تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين. سيد غلام قادر شاهه لڪياري، سنڌ ۾ تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم اڳواڻ نوابشاهه (موجوده شهيد بينظيرآباد)، ضلعي ۾ مسلم ليگ جو پايو وجهندڙ ۽ باني هو. مسلم ليگ ۾ ادبي ڪارڪن جي حيثيت سان سياسي زندگي جو آغاز ڪيو. 1941ع جي مسلم ليگ چونڊن ۾ پاڻ انهيءَ جو صدر چونڊيو ويو. سياست سان گڏ هو هڪ صحافي به هو، غريبن ۽ هارين جو وڏو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. نوابشاهه شهر مان ‘مظلوم’ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. انهيءَ اخبار ذريعي هن غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي مظلوميت جو سچو داستان پيش ڪري وڏي خدمت ڪئي.سيد غلام قادر شاهه لڪياريءَ جي جرئتمندي ۽ بيباڪيءَ کي ڏسي انجمن مديران سنڌ کيس پنهنجو صدر چونديو. سندس حق گوئي ۽ عوام جي مظلوميت جي ترجمان هئڻ ڪري سندس اخبار کي بند ڪيو ويو. هن 17 جنوري 1962ع تي وفات ڪئي.