غلام قادر عطاش: غلام قادر ولد ڏهيسر خان گاڏهيءَ جو جنم جنوري 1924ع ڌاري ڳوٺ ٻيڙو خان تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو. 1947ع ۾ فائينل پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن اڳئين دور وارا پرائمري ٽيچرس ڪورس جا ٻھ سال لاڙڪاڻي جي ٽريننگ ڪاليج مان پڙهيا. شاعريءَ ۾ سندس رهنما استاد مرحوم عبدالله ‘اثر’ هو. پاڻ شاعريءَ ۾ ‘عطاش’ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس ڪلام موزون شاعريءَ جو نادر نمونو آهي. هن غزل، ڪافين، قصيدن ۽ قطعات تي مشتمل اٽڪل 200 صفحن جو ڪتاب ‘الف جي استدعا’ نالي سان ترتيب ڏنو ۽ ان کان علاوه هڪ ڪتاب ‘تقديم الحروف’ جي نالي سان لکيو، جيڪو سنڌي اکر (الف، آ، ع)، (ت، ط)، (ت، ط)، (ث، س، ص)، (ذ، ز، ض، ظ)، (ح، هه)، (ڪ، ق)، (غ، گ)، (ک، خ) جي اکرن تي مشتمل آهي.