غلام قادر قيس لاشاري

غلام قادر قيس لاشاري: شاعر ۽ سماجي ڪارڪن غلام قادر ‘قيس’، 1928ع ڌاري جيڪب آباد ۾ الله بخش لاشاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. سندس شمار جيڪب آباد ضلعي جي سٺن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. کيس اسڪول ۾ پڙهڻ واري دور کان ئي شاعريءَ سان لڳاءُ هو. ادبي صحبت ۾ رهڻ سبب وڏن شاعرن کان اصلاح وٺي جيڪب آباد جي شاعرن ۾ سٺو مقام ماڻيائين. شاعريءَ ۾ ‘قيس’ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘امنگون ۽ ارمان’ 1965ع ۾ ڇپيو. پاڻ شاعر هجڻ سان گڏ سٺو سماجي ڪارڪن به هو. جيڪب آباد جي ترقي، تعليم جي بهتري ۽ غريبن کي انصاف مهيا ڪرائڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سماجي خدمت جي جذبي تحت جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽيءَ لاءِ ڪائونسلر ۽ بعد ۾ وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. غلام قادر ‘قيس’ لاشاري، 1976ع ۾ جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو