غلام قادر لاکو: هي سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو حاجي محمد عباس لاکو هو. هن 5 جولاءِ 1960ع تي ڳوٺ دودي ٻگهيي، تعلقي قاضي احمد ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ حاجي عمر سيٺر مان حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دولت پورصفن ۽ انٽر گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج موري مان پاس ڪيائين. اڳتي هلي پاڪستان نيويءَ ۾ ملازم مقرر ٿيو. کيس شاگرديءَ واري دؤر کان ئي شاعريءَ سان چاھہ هوندو هو. سندس نانو وڏو عالم دين ۽ شاعر هو، جو ڪتاب پڙهي کيس بہ شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. شاعريءَ ۾ ‘ثاقب’ تخلص ڪتب آندو اٿس. سندس حياتيءَ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي نہ سگهيو، پر وفات کانپوءِ 2005ع ڌاري هن جي شاعري جو هڪ مجموعو ‘دل ٿي پڪاري سنڌڙي’ جي نالي سان حڪيم غلام رسول لاکي ترتيب ڏئي ڇپرايو. هن 3 جولاءِ 1989ع تي وفات ڪئي.