غلام قادر لنجواڻي

غلام قادر لنجواڻي

غلام قادر لنجواڻي

غلام قادر لنجواڻي: غلام قادر لنجواڻيءَ جو جنم 1945ع ڌاري ميرپورخاص ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو لال بخش لنجواڻي هو. غلام قادر موسيقيءَ جي سکيا اُستاد گلزار علي دايي کان ورتي ۽ ڪجهہ سکيا بلاول بيلجم کان بہ ورتائين. غلام قادر 8 سالن جي ڄمار ۾ سيد عارب شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ تي ڳايو. غلام قادر لنجواڻي 1962ع کان ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ شروع ڪيو. ان کانسواءِ پي. ٽي. وي تي سنڌ سينگار، پرک ۽ ٻين پروگرامن ۾ پرفارم ڪيائين. سنڌي فلم ‘گونگهٽ لاھہ ڪنوار’ ۾ بہ گانا ڳايا. اردو فلم خوف خدا ۾ اُستاد ظفر علي خان سان قوالي پڻ ڳاتائين. سندس 2 ڪيسٽون ريليز ٿيون، جن تمام گهڻي شھرت ماڻي. 17 کن گرامون فون ريڪارڊ ڪرايا. غلام قادر لنجواڻي پهرين ڪافي مصري شاھہ جي ڳائي گڏوگڏ اُستاد بخاريءَ کي بہ پهريون ڀيرو غلام قادر لنجواڻيءَ ڳايو. سندس مشھور ڪلام “وقت ڏٺو سين، پاڻ پليوسين” ۽ “زهر کي بہ زم زم ڪري پي ڏٺوسين” سميت ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن. غلام قادر لنجواڻي سنڌ ثقافت کاتي ۽ اسلام آباد جي ڪيترن پروگرام ۾ ڳايو. اُن کانسواءِ ڀٽ شاھہ ڪانفرنس، قلندر لعل شھباز قلندر ڪانفرنس، مصري شاھہ ڪانفرنس ۽ سمن سرڪار تي پڻ ڳائي وڏو داد حاصل ڪيو. گڏوگڏ غلام قادر لنجواڻي سنڌ جي هر درگاھہ تي حاضري ڀري آهي. سندس ٻہ پٽ، لال بخش لنجواڻي ۽ غلام عباس لنجواڻي ڳائي رهيا آهن.
غلام قادر لنجواڻي 12 جون 1991ع تي وفات ڪئي.


لفظ غلام قادر لنجواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو