غلام قادر ڀٽو

غلام قادر ڀٽو : نامياري سگهڙ غلام قادر ولد محمد عثمان ڀٽي 1930ع ڌاري ميرپور ڀٽي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، جنهن بعد سندس وڏڙا 1946ع واري ٻوڏ ۾ مڪمل طور تي شھر نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ منتقل ٿي آيا. غلام قادر کي ننڍپڻ کان ئي سگهڙن جي ڪچهرين جي ٻڌڻ جو شوق هوندو هو، ويتر جو سندس ڏيٺ ويٺ پنھنجي دور جي هاڪاري سگهڙ فقير محمد بخش شيخ سان ٿي تہ سندس صحبت ۾ غلام قادر جي اندر وارو سگهڙ بہ نڪري نروار ٿيو. هن فقير محمد بخش کي پنهنجو استاد تسليم ڪيو، پر کيس هيمشه سٺي کان سٺي فن جي جسجتو رهي، جنهنڪري پري پري تائين وڃي ناميارن سگهڙن ۽ لوڪ ادب جي ماهرن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن وٽان ڪجهه پرائڻ سندس مشعلو رهندو آيو. هن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ خاڪل ٻرڙي (جيڪب آباد)، حاجي فقير مهيسر (خيرپور)، ٻيڙي فقير ڪنڀار (حيدرآباد)، ساجن ڪوريجي (کاڻوٺسگهڙ محمد ملوڪ عباسي ۽ ٻين سان سندس ڳوٺن ۾ وڃي، ڪچهريون ڪري ڪافي ڪجهه پرايو آهي. کيس سگهڙ گلبهار ٻرڙي ۽ وريام فقير جي فن ڪافي متاثر ڪيو آهي. سگهڙ غلام قادر ڀٽو ٻيلي کاتي ۾ سرڪاري ملازم آهي ۽ هن وقت نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو