غلام قاسم ڪلهوڙو، خليفو: شاھہ لطيف جو پارکو خليفو غلام قاسم ولد حاجي محراب ڪلهوڙو، ڳوٺ آبڙي، ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. قرآن شريف ۽ سنڌي بہ اتي پڙهيائين. سمجهہ ڀريو ٿيو تہ سير سفر جو شوق جاڳيس، ڪجهہ وقت جوڳين جي صحبت ۾ پڻ رهيو، جنهن سبب جبل جهاڳي وڻ ٽڻ واسيائين. مئين شاھہ عبدالڪريم جي درگاھہ تي وڃي ديرو ڄمايائين. جوڳين سان صحبت ۾ رهندي حڪمت بہ سکي ورتائين. غلام قاسم درگاھہ تي رهندي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو حڪمت ذريعي علاج پڻ ڪندو هو. سندس ڳالهائڻ ۾ هميشہ نهٺائي هوندي هئي. درگاھہ جو گادي نشين پير حيدر شاھہ سندس نياز ۽ نورت کي ڏسندي مٿس ڪافي مهربان ٿيو ۽ درگاھہ تي خليفي جي پڳ پڻ ٻڌرائي. خليفو غلام قاسم درويش صفت انسان هو. صبح شام پکين کي ان پاڻي ذميواريءَ سان ڏيندو هو. هن درگاھہ مئين شاھہ ڪريم تي ڪاشيءَ تي ٿيندڙ ڪم جي نگراني پڻ ڪئي. اڄ بہ درگاھہ جي دروازي جي مٿان سندس نالو سھڻي نموني چٽيل آهي. کيس شاھہ لطيف جي رسالي جو ڪافي انس هو، هر وقت ان کي پڙهندو هو. شاھہ جو رسالو ڪيترو ئي برزبان ياد هوندو هئس. هن درويش صفت انسان 110 ورهين جي عمر ۾ 1968ع ۾ وفات ڪئي. کيس هڪ پٽ خليفو الھہ بخش جو اولاد هو.