غلام مجتبىٰ اسراڻ

غلام مجتبىٰ اسراڻ

غلام مجتبىٰ اسراڻ

غلام مجتبىٰ اسراڻ: هيءُ قنبر تعلقي جي نامور سياسي ڪُٽنبَ ‘اسراڻ’ سان واسطو رکندڙ پ پ پ جو مشھور سياسي اڳواڻ آهي. پاڻ 1988ع کان وٺي 1999ع تائين مسلسل چار ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. پيشو زمينداري اٿس. غلام مجتبى ولد غلام مصطفى اسراڻ 1934ع ۾ ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن سياست جي شروعات جنرل ايوب خان جي دَور کان يونين ڪائونسل جي چيئرمئن طور منتخب ٿيڻ سان ڪئي، جنهن دوران هن خيرپور جوسي ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ سميت ٻيا اهم ڪم ڪيا. هُو 1982ع ۾ عوام دوست نمائندي طور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمئن چونڊيو ويو. 90-1988ع، 93-1990ع، 96-1993ع ۽ 99-1996ع وارين چونڊن ۾ مسلسل چار ڀيرا پ پ پ پاران صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي اسيمبليءَ ۾ پهتو. جڏهن تہ 2002ع ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ سندس ڀاءُ غلام مجدد اسراڻ پ پ پ پاران ايم پِي اي منتخب ٿيو. غلام مجتبى اسراڻ جي رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو