غلام مجدد اسراڻ

غلام مجدد اسراڻ

غلام مجدد اسراڻ

غلام مجدد اسراڻ: قنبر تعلقي جي نامور ‘اسراڻ’ ڪٽنب سان واسطو رکندڙ اڳوڻو ڪامورو ۽ هاڻ پ پ پ جو ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ ۾ سياسي اڳواڻ غلام مجدد ولد غلام مصطفيٰ اسراڻ، سيپٽمبر 1933ع ۾ خيرپور جوسي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ لاڙڪاڻي جي سنڌ مدرسي هاءِ اسڪول ۾، انٽر ۱۹۵۶ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، گريجوئيشن (بِي. اي) ۱۹۵۸ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ ۽ ايل. ايل. بِي ۱۹۶۰ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. هو ۱۹۷۴ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ ڪيترو ئي وقت اعلى عهدن تي مقرر رهڻ کان پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ صوبي جي کاتي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ سيڪريٽري مقرر ٿي آيو، جنهن بعد ٻين مختلف کاتن ۾ بہ سيڪريٽري طور پنهنجون ذميواريون نڀايائين. هُو ۱۹۹۶ع ۾ پاپوليشن کاتي سنڌ جي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. غلام مجدد اسراڻ، جنرل مشرف جي دور ۾، ۲۰۰۲ع ۾ سياست ۾ آيو ۽ پ پ پ پاران قنبر تڪ تان سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ ٻيهر ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ پڻ ايم پِي اي ٿيو. سندس رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي، لاڙڪاڻي ۾ آهي.


لفظ غلام مجدد اسراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو