غلام محمد بئراج/ ڪوٽڙي بئراج

غلام محمد بئراج/ ڪوٽڙي بئراج

ڪوٽڙي بئراج

ڪوٽڙي بئراج

غلام محمد بئراج ڪوٽڙي بئراج

غلام محمد بئراج/ ڪوٽڙي بئراج: غلام محمد بئراج، حيدرآباد شھر جي اتر اولھہ طرف اٽڪل 6- 7 ميلن جي مفاصلي ۽ ڪوٽڙي شھر کان اتر اوڀر پاسي، ٿورن ميلن جي پنڌ تي بيٺل آهي. هن بئراج جي تعمير ڪرڻ جو خيال، انگريزن جي حڪومت کي سال 1940ع ڌاري آيو، ۽ ابتدائي ڪم بہ شروع ڪيو ويو، پر پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي لڳڻ ۽ ٻين ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري ان رٿا کي في الحال مهمل ڪيو ويو هو. ان وقت هن بئراج جي وجود ۾ آڻڻ جو مکيہ مقصد هي هو تہ اپر سنڌ وانگر لوئر سنڌ ۾ پڻ، خاص طور تي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ سنڌو درياھہ جي پاڻيءَ کي روڪي پنھنجي مرضيءَ مطابق ان کي استعمال ڪري سگهجي.آخر، پاڪستان جي قيام کانپوءِ، هن بئراج جي پيڙھہ جو پٿر (سنگ بنياد) 12 جنوري 1950ع تي خواجہ ناظم الدين ان وقت جي گورنر رکيو. هن بئراج تي پاڪستان جي سابق گورنر جنرل غلام محمد جي نالي جي نسبت سان ‘غلام محمد بئراج’ نالو رکيو ويو، پر پوءِ هن جي طرفان زوريءَ ون يونٽ مڙهڻ سبب سال 1956ع واري اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيل آئين کي رد ڪرڻ ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري ان جو نالو هٽائي، ‘ڪوٽڙي بئراج’ سڏيو ويو. 5 جون 1955ع تي، هن جي کاٻي ڪپ وارن واهن وهڻ شروع ڪيو. هن بئراج جي تعمير تي، شروعات ۾ خرچ جو تخمينو تقريباً 21 ڪروڙ روپيا لڳايو ويو هو، جو پوءِ اگهن ۾ اضافي اچڻ سبب وڌي وڃي 45 ڪروڙ 16 لک روپين تائين پهتو. ان کان سواءِ هن بئراج جي ڪن ٻين اسڪيمن تي پڻ ڪم ٿيندو پئي رهيو آهي ۽ ان لحاظ کان سال 69-1968ع تائين هن بئراج تي 52 ڪروڙ کان بہ وڌيڪ خرچ ٿيو هو. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي رٿا موجب هن بئراج جي آبپاشيءَ جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ لاءِ 70 ڪروڙ، هڪ لک ۽ 60 هزار روپين جي لاڳت سان هڪ ٻي اسڪيم شروع ڪئي وئي.
هي بئراج ٽي هزار فوٽ ڊگهو آهي ۽ اٺ لک 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪندو آهي. هن ۾ 44 در آهن، جيڪي 60 فوٽ ويڪرا ۽ 61 فوٽ اوچا آهن. اهڙو انتظام پڻ رکيو ويو تہ جيئن ٻيڙي رستي مسافري بہ ڪري سگهجي. اهو رستو ويھہ فوٽ ويڪرو آهي، جنهن کي ٻنهي طرفان فوٽ پاٿري (فوٽ پاٿ) بہ آهن. جيئن بئراج جي مرمت يا ٻي ڪم سبب هن رستي تان اچ وڃ ڪري سگهجي. ان کان سواءِ اليڪٽرڪ لائين پار هدڪرڻ يا سوئي گئس جي پائيپن جي استعمال لاءِ پڻ بئراج ۾ گنجائش رکي ويئي آهي. پل لاءِ ڪتب آيل پٿر جنگشاهي کان آندا ويا هئا. سمورو ڪم پاڪستاني انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن ڪيو هو. هن بئراج جي ساڄي ڪپ تي هڪ دائمي وهندڙ ’ڪلري‘ نالي واھہ آهي، جيڪو 9100 ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪندو آهي. هي واھہ 8 ميل جابلو ايراضي مان لنگهندو آهي. هڪ ڍنڍ ويھہ ميل ڊگهي، 45 چورس ميلن ۾ ٺاهي وئي آهي. هن ڍنڍ جي ذريعي ڏھہ هزار ڪلو واٽ هائڊرو اليڪٽرڪ پاور پيدا ٿي سگهندي ۽ ان ذريعي ڪراچي لاءِ پاڻي پڻ گڏ ڪري سگهبو. ان کانسواءِ هي ڍنڍ سير و تفريح لاءِ، ماهيگيريءَ لاءِ هڪ سٺي جاءِ هئي. کاٻي ڪپ کان ڦليلي واھہ کي سڌاريو ويو. ان کان سواءِ موجود پاڻيءَ جي نيڪال ۾ 28 سو ڪيوسڪ جو اضافو ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ نئين گوني شاخ ۽ پنڃاري واھہ ۽ موسمي واھہ شروع ڪيا ويا هئا. هڪ ٻيو دائمي واھہ شروع ڪيو ويو، جيڪو 41 سو ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪندو. سم کان بچڻ لاءِ واهن جي ترن ۽ ڪپن تي فرش هڻائي سيمنٽ سان انهن کي مضبوط ڪيو ويو. 1950ع ۾ کاٻي پاسي واهن ۾ پاڻي نہ وهايو ويو، پر ساڄي پاسي کاٽيءَ جي مشڪلاتن جي سبب پاڻي نہ ڏنو ويو. چاليهن کان پنجاھہ فوٽن تائين اولھہ کان 80 ميل جبل ٽڪيا ويا هئا، تنهنڪري اهي واھہ 1952ع ۾ وهايا هئا.هن بئراج مان ڪل 4 واھہ وهن ٿا، جن مان هڪ هن جي ساڄي ڪناري تي ‘ڪلري بگهاڙ واھہ’ جي نالي سان مشھور آهي، جنهن تي سنڌ جي مشھور ‘ڪلري ڍنڍ’ جي نسبت سان اهو نالو رکيو ويو آهي. هن جي کاٻي ڪپ تي وري پيڃاري، ڦليلي ۽ لائينڊ چئنل واھہ آهن. هنن واهن جي ترتيبوار ڊيگهہ 82، 57.5، 56 ۽ 70 ميل آهي. هن بئراج جي پل جي ڊيگهہ 2984 فوٽ آهي ۽ هن تي 60 فوٽن جي ڊيگهہ جا ڪل 44 دروازا بيٺل آهن. هن جي کاٻي ڪناري وٽ جهازن وغيرہ جي گذرڻ لاءِ هڪ 270 فوٽ ڊگهو ۽ 60 فوٽ ويڪرو گذرگاھہ (Lock channel) پڻ ٺهيل آهي.
اونهاري جي موسم ۾، هن جي واهن مان، مجموعي طور تي 41250 ڪيوسڪس پاڻي خارج ٿيندو رهي ٿو ۽ انفرادي طور تي ڪلري- بگهاڙ واھہ 9 هزار، پيڃاري واھہ 14350، ڦليلي واھہ 13800 ۽ لائينڊ چئنل (lined channel) 41 هزار ڪيوسڪس پاڻي نيڪال ڪندو رهي ٿو.
ڄام شوري ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي جو ڪجهہ ڀاڱو، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد تعلقا، بدين، ماتلي ۽ ٽنڊو باگو تعلقا ۽ ٺٽي ضلعي جا جاتي، شاهبندر، گهوڙاٻاري، ميرپور ساڪرو، ميرپور بٺورو ۽ سجاول جا تعلقا هن بئراج جي واهن سان سيراب ٿيندا رهن ٿا.
هن بئراج جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لوئر سنڌ جي اٽڪل 28 لک ايڪڙ آباد ٿيندڙ زرعي زمين کي فائدو رسيو آهي، جنهن مان ساڍا 16 لک ايڪڙ سرڪاري ۽ ساڍا 11 لک ايڪڙ خانگي زمين آهي. هن بئراج جي واهن مان ڪراچي شھر ۽ ڪينجهر ڍنڍ کي بہ پاڻي ملندو رهي ٿو.
هن بئراج جي واهن تي اڪثر ڪپھہ، ڪمند ۽ سارين جي پوک ٿئي ٿي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ سمورو ڪمند فوجي شگر مل ٽنڊو محمد خان ۽ کوسڪي، باواني شگر مل تلهار ۽ مهراڻ شگر مل ٽنڊو الهيار کي ملندو رهي ٿو.
سال 67-1966ع ۾ ڪمند جي پوک، خريف ۾ 89117 ۽ ربيع ۾ 76578 ايڪڙن تي ڪئي وئي هئي ۽ ان سال مٿي ذڪر ڪيل ڪارخانن کي هڪ ڪروڙ 54 لک مڻ ڪمند مليو هو. هن بئراج تي ٿيندڙ فصلن جي في ايڪڙ تي سراسري 66 روپيہ خرچ ٿئي ٿو.
هن بئراج جي واهن مان پڻ ڪيتريون شاخون پيچون، ڪڙيا ۽ نالا نڪرن ٿا، جن جي ڪل ڊيگهہ اڍائي هزار ميلن کان بہ وڌيڪ آهي. هن جي سڀني واهن تي 370 ريگيوليٽر 8 هزار واٽر ڪورس ۽ 395 تلاءَ آهن. هن بئراج کي وڌيڪ ڪارائتي بنائڻ لاءِ سرڪار هن تي 75 ڪروڙ روپيہ وڌيڪ خرچ ڪيا هئا.
هن بئراج تي واقع واھہ، هن بئراج جي ٺھڻ کان اڳ بہ موجود هئا، پر ان وقت انهن واهن ۾ آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ بنا ڪنهن رٿا ۽ حساب جي پاڻي ڇڏيو ويندو هو يا جڏهن سنڌو نديءَ ۾ پاڻي چڙهندو هو، تڏهن اهي واھہ وهي هلندا هئا، پر هاڻي انهن واهن ۾ گهرج آهر ۽ مقدار موجب پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ اهي واھہ فقط هڪ موسم يعني خريف جي فصل وقت پاڻي پهچائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو