غلام محمد بلو

غلام محمد بُلو: اديب ۽ اقتصادي ماهر غلام محمد ولد ارباب خان بُلو، 1927ع ۾ ڪوٽ شير محمد تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ ڪيائين. ماليات کاتي ۾ ملازمت ڪندي ڊائريڪٽر فنانس طور رٽائر ڪيائين. هن مصروف زندگي گذاري، سندس لکيل ڪتابن ۾ سيرت نبي ڪريمصه، چاليھہ حديثون، هٽلر جي مشھور ڪتاب ”Man Kampf“ جو منهنجي جاکوڙ عنوان سان ترجمو وغيرہ شامل آهن. هن سنڌ گزيٽئر ۾ دادو، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد ضلعن بابت ضروري درستگيون ترتيب ڏنيون. ڪجهہ عرصو انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ تي بہ ڪم ڪيائين. ان کانسواءِ هن مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ سروس اسٽرڪچر ترتيب ڏنا. قديم ماڳن سان بہ دلچسپي رکندو. هو کيس دين اسلام جي بھترين ڄاڻ هئي، 19 جون 2008ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو