غلام محمد خانزئي

غلام محمد خانزئي: انگريز دور جو نامور ڪلاسيڪل شاعر غلام محمد خانزئي ولد خان محمد 1834ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس خاندان پير جهنڊي واري جو مريد هو. غلام محمد اعليٰ تعليم چوٽيارين جي مشھور درسگاھہ مان استاد ميين عبدالحڪيم وٽان حاصل ڪئي، جتي ديني تعليم سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پڻ ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هڪ عالم، ۽ استاد جي حيثيت ۾ پڙهايو ۽ ديني تعليم ڏني. جنهن سبب ‘مولوي’ سڏجڻ لڳو. غلام محمد تصوف ۽ طريقت ڏانهن مائل هو ۽ سلوڪ جي راھہ تي هلڻ وارو هو. هيءُ شاھہ لطيف جو عاشق هو. شاھہ جي رسالي جو گهرو مطالعو پڻ ڪيائين. شاھہ سائينءَ کان متاثر ٿي پنهنجو رسالو ‘رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو’ لکيائين، جنهن ۾ سُر بہ شاھہ سائينءَ جي رسالي مان 36 چونڊ ڪري ان تي طبع آزمائي ڪيائين. غلام محمد کي سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي عبور حاصل هو. سندس ڪيترو ئي ڪلام مختلف ٻولين ۾ پڻ ملي ٿو. هيءُ نامور شاعر رمضان واڍي ۽ پير رشيدالدين پير جهنڊي واري جو همعصر هو. نامور محقق نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، غلام محمد خانزئي سنڌي اساسي شاعريءَ جي شاهڪارن مان آخري شاهڪار آهي. سندس رسالو شاھہ لطيف جي رسالي جو تعبير ۽ تفسير آهي.” غلام محمد خانزئي گهڻو ڪري ڪافيون ۽ بيت لکيا آهن. سندس ڪلام پير جهنڊي جي لائبرريءَ مان علامہ دائودپوٽي هٿ ڪيو، جيڪو ‘رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو’ جي نالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1985ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ طرفان مرتب ڪري ڇپايو. سندس رسالي ۾ ڪافيون، مولود، غزل، لولي، بيت وغيرہ ملن ٿا. غلام محمد جي ٻين ڪتابن ۾ ‘منهاج العاشقين’ ڪتاب جي تمثيل جي تشريح ۽ مثنوي ۽ ‘سڪندرنامه’ جو منظوم ترجمو شامل آهن. سڪندرنامه رزميه شاعريءَ جو هڪ بھترين مثال آهي. هن شاھہ لطيف جي بيتن جو فارسي ترجمو پڻ ڪيو. نامور اديب عبدالمجيد سنڌي سندس وفات 1902ع ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1904ع ڄاڻائي آهي.


لفظ غلام محمد خانزئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو