غلام محمد خان لغاري شھيد

غلام محمد خان لغاري، شھيد: ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ شھيد غلام محمد خان لغاري ابن هوت خان لغاري، مير بھرام خان ٽالپر شھيد جو خاص وفادار مصاحب هو. جڏهن 1189ھہ/ 1775ع ۾ ميان سرفراز خان درٻار ۾ مير بھرام خان ٽالپر کي حسين مرڻاڻي پنھنجي خاص غلام هٿان شھيد ڪرائي ڇڏيو، تڏهن مير بھرام خان جو خاص غلام عرضي خدمتگار درٻار مان دانهون ڪندي، چوندو نڪتو تہ هاءِ هاءِ مير بھرام خان بي گناھہ شھيد ٿي ويو. مير بھرام خان جي شهادت جو ٻڌي درٻار جي ٻاهر بيٺل مير صوبدار خان هڪدم غصي ۾ اچي ويو ۽ هن اتي بخش ليکيءَ (راڄو ليکيءَ جو ڀائٽيو) کي هڪ ئي وار سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ درٻار ۾ اندر هليو آيو. ميان سرفراز خان ڪلهوڙي مير صوبدار کي ايندو ڏسي پٺتي پير ڪيا ۽ وڃي حرمسراءِ ۾ لڪو. مير صوبدار خان سان غلام محمد خان لغاري بہ اندر هليو آيو ۽ مير صاحب سان گڏ ڪلهوڙن جي ماڻهن سان جنگ ڪرڻ لڳو. مير صوبدار خان ۽ غلام محمد لغاريءَ سان گڏ ڪمال خان رند ۽ شادمان خان بہ ڪلهوڙن جي ماڻهن سان وڙهڻ لڳا. جيئن تہ هي صرف چار ڄڻا ۽ هوڏانهن 100 ماڻهو هئا. مير صوبدار خان اڪيلي سر 22 ڄڻا ماريا ۽ آخر پاڻ بہ شھيد ٿي ويو. هن کان پوءِ غلام محمد لغاري ۽ ڪمال خان رند بہ وڙهندي وڙهندي شھيد ٿي ويا، جڏهن تہ شادمان خان زخمي ٿي ڪِري پيو. واضح رهي تہ ٽالپرن جي دور حڪومت جو نامور وزير نواب ولي محمد خان لغاري اصل ۾ شھيد غلام محمد خان لغاريءَ جو پٽ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو