غلام محمد خان ٽالپر

غلام محمد خان ٽالپر: هي خيرپور رياست جي باني حاڪم مير سهراب خان ٽالپر جو ننڍو ڀاءُ هو. جڏهن هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ميان عبدالنبي، مير فتح علي خان هٿان شڪست کائي قلات ڀڄي ويو. تڏهن قلات جي حاڪم کان مدد گهريائين، ۽ گڏوگڏ جوڌپور جي راجا کي بہ لکيائين، تہ تون بہ مير فتح علي خان تي ڪاھہ ڪري عمرڪوٽ پنھنجي هٿ هيٺ ڪر. اهو ٻڌي جوڌرپور جو راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم پنهنجو لشڪر عمرڪوٽ موڪليائين، جنهن عمرڪوٽ پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. اها خبر جڏهن مير فتح علي خان کي پئي، تڏهن مير صاحب پنهنجن اميرن، وزيرن ۽ مير سهراب خان سان صلاح مشورو ڪيو ۽ صلاح مشوري کانپوءِ مير غلام محمد خان کي لشڪر ڏئي عمرڪوٽ خالي ڪرائڻ لاءِ موڪليو. مير غلام محمد خان وڏو بھادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. جڏهن جوڌپور جي لشڪر کي خبر پئي تہ مير فتح علي خان جو سپھہ سالار جنگ ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ وٽس ايترو لشڪر بہ نہ آهي، تڏهن هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ڇو نہ مير غلام محمد ۽ سندس مخصوص لشڪر کي اتي ئي ختم ڪري ڇڏجي. ائين ڪرڻ سان ميان عبدالنبي بہ خوش ٿيندو ۽ عمرڪوٽ هميشہ لاءِ اسان جو ٿي ويندو. اهو فيصلو ڪري هنن مير غلام محمد خان ۽ سندس مختصر لشڪر تي حملو ڪري ڏنو. ٻنهي لشڪرن ۾ خونخوار جنگ لڳي، پر آخر لشڪر مختصر هجڻ ڪري مير غلام محمد خان شھيد ٿي ويو. ڪنهن شاعر سندس مادہ تاريخ هيئن چئي آهي:
پئي سال ترحيل آن جان نثار
‘اجل’ با ‘غلام محمد’ شمار
34 + 163 = 1197ھہ
مير غلام محمد خان جي شهادت جو ٻڌي مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان سموري لشڪر سميت عمرڪوٽ جو رخ ڪيو، پر مير فتح علي خان جي اچڻ جو ٻڌي جوڌپور جو لشڪر عمرڪوٽ ڇڏي ڀڄي ويو.


لفظ غلام محمد خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو