غلام محمد درزي: پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ ان بابت لکيو آهي ته، ميان غلام محمد شڪارپور جو درزي هو. پيار ۽ قرب جو اهو عالم هو، جو بيدل روهڙي ڇڏي وڃي شڪارپور ۾ رهيو. اميد ۽ ارادو هئس تہ باقي زندگي شڪارپور ۾ گذاريندو. پر ميان غلام محمد درزيءَ جي عمر وفا نہ ڪئي ۽ هو ڦوھہ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. ميان غلام محمد درزيءَ جي اچانڪ موت سان بيدل فقير جون اميدون ۽ آسرا اجڙي ويا ۽ دل جي دنيا سان گڏ شڪارپور جو شھر بہ بيدل فقير لاءِ ويران ٿي ويو.” بيدل فقير جو ميان غلام محمد درزيءَ سان ڪافي گهرو رشتو هو. بيدل جي فارسي شاعريءَ ۾ چيل قطعه تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ميان غلام محمد درزي 19 جمادي الثاني 1261ھہ 25 جون 1845ع اربع جي رات وفات ڪئي. هن جي وفات تي بيدل فقير قطعه تاريخون ڏجن ٿيون:
آن مخلص غلام محمد چون زان جهان،
باجان شتافت بسوي ملڪ سرمدي،
ڪردم سوال سالِ وصالش زعقل گفت،
“جاويد حاضري بجناب محمدي”
1261ھہ
ٻي قطعه تاريخ هي آهي:
چو شد غلام مهمد رحيل زين عالم،
بماند بردل محزون داغ درد و بلا،
سوال ڪردم بتاريخ فوتش از هاتف،
ندارسيد بناگه “چراغ بزم بھا”
1261ھہ