غلام محمد سانوڻي

غلام محمد سانوڻي: شاعر ۽ عالم حافظ غلام محمد، هالا جي سانوڻي آخوندن جي مشھور شاعر ۽ عالم آخوند احمد سانوڻيءَ جو پٽ هو. عربي ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو هجڻ سان گڏ کيس شاعري توڙي نثر نويسيءَ ۾ اعليٰ مقام حاصل هو. ان وقت جي وڏن اديبن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هن جي وفات، پنھنجي والد جي حياتيءَ ۾، ڦوھہ جوانيءَ ۾ ٿي. سندس وفات تي آخوند محمد قاسم هالائيءَ عربيءَ ۾ مرثيو چيو هو، جيڪو مير خليل ‘تڪمله مقالات’ ۾ پڻ ڏنو آهي. جنهن جي آخري مصرع مان وفات جي تاريخ 1881ع ڪڍي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو