غلام محمد ساکاڻي : غلام رسول مھر پنھنجي تصنيف ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ميان دين محمد جي قتل کانپوءِ گهڻي عرصي گذرڻ کانپوءِ آخر شھزادي مڙني اميرن، وزيرن ۽ مشيرن جي صلاح سان ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جي نالي حڪومت جو پروانو موڪليو. هڪ روايت مطابق خواجہ حسين خان، حڪومت جو پروانو ’خدايار خان‘ جو خطاب کڻي اچي ميان يار محمد خان سان مليو، ان کانسواءِ شهزادي، خانپور، مير امين الدين خان کي، شڪارپور دائودپوٽن کي ۽ سيوستان غلام محمد ساکاڻيءَ جي حوالي ڪيا. غلام محمد ساکاڻي حڪومتي ڪاروبار سھڻي نموني هلايو. هن جي دور ۾ ڦرلٽ ۽ قتل و غارتگري تمام گهٽ بلڪ اڳ جي مقابلي ۾ نہ هئڻ جي برابر هئي. هي انتظامي حوالي سان تمام سخت ۽ ايماندار شخص هو. سيوستان (سيوهڻ) جو حڪومتي نظام غلام محمد ساکاڻيءَ کي سنڀاليندي اڃا ڪجهہ عرصو ئي ٿيو تہ شھزادي طرفان هڪ فرمان ذريعي بکر ۽ سيوستان جا علائقا بہ ميان يار محمد جي حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد غلام محمد ساکاڻي سيوهڻ مان هليو ويو.“