غلام محمد فقير، روهڙائي: فقير ميان غلام محمد ارڙهين صدي عيسوي ۾ ‘جانشاهي’ سلسلي جو مشائخ ٿي گذريو آهي. ‘بلوچستان گزيٽيئر’ ۾ کيس روهڙي جو رهاڪو ڄاڻايو ويو آهي. هن پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو سنڌ کان ٻاهر بلوچستان ۽ افغانستان ۾ قادري سلسلي جو پرچار ڪندي گذاريو، ان ڪري سنڌ جي تذڪرن ۾ سندس احوال تمام گهٽ ملي ٿو. تذڪرن ۾ مليل روايتن مطابق ميان غلام محمد، خراسان ۾ صاحب ڪمال، فقير غلام رسول وڻجاري جي هٿ تي بعيت ڪري مريدي اختيار ڪئي ۽ قادري سلسلي ۾ ارشاد ۽ تلقين جي اجازت حاصل ڪئي. هو مرشد جي خدمت ۾ ڪيترن ئي سالن تائين خراسان ۾ رهيو، جتي سيد عبدالوهاب شاھہ کانئس مريدي اختيار ڪري قادري سلسلي ۾ تلقين جي اجازت ورتي. ڪجهہ تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ميان غلام محمد 1761ع کان 1771ع واري عرصي ۾ سلوڪ جي پانڌيئڙن جي باطني اصلاح لاءِ ڀاڳ واري علائقي ۾ رهيو. مير غلام محمد ‘غبار’ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ‘افغانستان درميسر’ (1799ع) جي واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هيءُ قنڌار ۾ ڳچ عرصي تائين مقيم رهيو. فقير ميان غلام محمد زهد ۽ تقويٰ، حلم ۽ تواضح جو پيڪر هو. پنھنجي علم ۽ عرفان جي ڪري نہ صرف عوام پر درٻار جي خاص ماڻهن جي ارادت جو مرڪز بڻيو. هن قنڌار ۾ قادري سلسلي جي ترويج ۽ اشاعت جو ڪم نهايت محنت ۽ خلوص سان سر انجام ڏنو. ڪيترائي قبيلائي سردار ۽ دراني درٻار جا منصبدار ساڻس عقيدت رکندا هئا. هن جي قنڌار ۾ آمد وقت احمد شاھہ ابدالي حيات هو ۽ ان جي وفات بعد سندس پٽ تيمور شاھہ سلطنت جو وارث بڻيو. تيمور شاھہ جي دور حڪومت ۾ پاڻ قنڌار ۾ رهيو. تيمور شاھہ وفات بعد 33 پٽ ۽ 13 نياڻيون ڇڏيون. اولاد جي گهڻائي سبب تخت تان تڪرار ٿيو ۽ ننڍي پٽ زمان شاھہ پنھنجي ڀاءَ شھزادي عباس ۽ ٻين شهزادن ۽ شاهي خاندان جي فردن کي گرفتار ڪرائي، 30 مئي 1793ع تي پنھنجي بادشاهي جو اعلان ڪيو. زمان شاھہ جي بادشاهي جي اعلان کانپوءِ مختلف علائقن ۾ بغاوت شروع ٿي وئي. ڪابل ۾ سندس ڀاءُ همايون بغاوت ڪئي ۽ شھزادي محمود، جيڪو تيمور شاھہ پاران هرات جو والي هو، تنهن بہ زمان شاھہ جي بادشاهي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. شھزادي محمود کي تخت تي ويهارڻ لاءِ درٻاري اميرن کي اتساهڻ ۽ ورغلائڻ جو الزام ‘جانشاهي’ مشائخ فقير ميان غلام محمد تي لڳو. 1799ع تائين افغانستان ۾ سياسي بيچيني عروج تي پهچي وئي ۽ حالتون اهڙي موڙ تي پهتيون جو زمان شاھہ ۽ سندس خاندان جو زوال ٿيڻ لڳو. زمان شاھہ جي وزير رحمت ﷲ خان (وفادار خان) مان بہ افغان سردار تنگ ٿي ويا. هنن سردارن مان يارنهن ڄڻن رحمت ﷲ خان کي قتل ڪري، زمان شاھہ کي تخت تان لاهڻ جو منصوبو جوڙيو پر راز فاش ٿيڻ سبب زمان شاھہ 8 فيبروري 1800ع تي انهن سردارن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ميان غلام محمد ان صورتحال ۾ قنڌار ۾ ترسڻ مناسب نہ سمجهي، اتان نڪري ڀاڳ (بلوچستان) طرف روانو ٿيو. رحمت ﷲ خان هڪ فوجي دستو پويان موڪليو، جن ڀاڳ ويجهو ميان غلام محمد، حافظ عبدالرحيم ۽ ٻين ڪيترن ئي مريدن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ميان غلام محمد جو سر ڪٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. مريدن ميان جي جسم خاڪي کي ڀاڳ ۾ دفنايو. جتي سندس مزار ‘خانقاه شهيدان’ جي نالي سان مشھور آهي. ’مير غبار’ لکيو آهي تہ قنڌار جي مريدن ميان جو سِر وصول ڪري قنڌار شھر جي هرات دروازي ٻاهران دفن ڪيو.
ميان غلام محمد صاحب تصنيف بزرگ هو. سندس هڪ ڪتاب ميان غلام محمد جي خانقاھہ، ڀاڳناڙيءَ ۾ موجود آهي.