ڪامريڊ غلام محمد لغاري

ڪامريڊ غلام محمد لغاري

غلام محمد لغاري ڪامريڊ

غلام محمد لغاري، ڪامريڊ: نامور قومپرست، هاري ڪميٽيءَ جو اڳواڻ ۽ صحافي، ڪامريڊ غلام محمد ولد حاجي محمد خان لغاري، 1917ع ڌاري ڳوٺ فقير غلام علي لغاري، تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ٿرپارڪر (هاڻوڪي ميرپورخاص) ۾ پيدا ٿيو. ڳوٺ جي مختلف مدرسن مان ديني تعليم حاصل ڪري پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. سندس والد هاري هو ۽ رازڪو ڪم ڪندو هو. ان ڪري غلام محمد بہ شروع ۾ مزدوريون ڪيون. غلام محمد پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات خاڪسار تحريڪ کان ڪئي. 1935ع ڌاري خاڪسار تحريڪ تي پابندي وڌي وئي تہ پاڻ وفد سان گڏ خاڪسار تحريڪ جي مرڪز لاهور ۾ وڃي رهيو، اتي کيس ساٿين سميت پنجاب جي خانيوال ريلوي اسٽيشن تان گرفتار ڪيو ويو. ٻہ سال ملتان جيل ۾ رهيو، جتي کيس ٽي. بيءَ جي بيماري ٿي پئي ۽ آزادي ملڻ تي علاج لاءِ هندستان جي شھر ميسور ويو. واپس موٽي اچي سياست ۾ڀرپور حصو ورتائين. هيءُ هاري تحريڪ جو عهديدار مقرر ٿيو ۽ پنھنجي ڳوٺ نبي سر کي ان جو مرڪز بڻايائين. غلام محمد، ضلعي ٿرپارڪر هاري ڪميٽيءَ جو صدر ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو نائب صدر رهيو. هن نبي سر ڳوٺ مان لڏي اچي ميرپورخاص ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتان هفتيوار اخبار ‘سچائي’ جاري ڪيائين. جنهن اخبار ۾ زميندارن ۽ وڏن ڪامورن خلاف کلي عام لکندو هو. 1976ع ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيو. سڄي ڄمار هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي 13 آڪٽوبر 1982ع تي وفات ڪيائين. سندس نالي پٺيان سنڌالاجي ڄام شوري ۾ ڪارنر قائم ڪيو ويو. غلام محمد لغاريءَ جو ڀاڻيجو مظهر لغاري ۽ گلشن لغاري علم ادب سان سلهاڙيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو