
ملڪ غلام محمد
غلام محمد، ملڪ: اڳوڻو گورنر جنرل پاڪستان، اقتصاديات جو ماهر ۽ اڳوڻو خزاني جو وزير، ملڪ غلام محمد، 29 آگسٽ 1895ع ۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو. هن علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيون. ان کانپوءِ ‘انڊين آڊٽ اينڊ اڪائونٽس’ جو امتحان پاس ڪري هندستان جي مالياتي ادارن ۾ مختلف عهدن تي اهم ذميواريون نڀائيندو رهيو. 1942ع ۾ حيدرآباد رياست جي خزاني جي وزير طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 1946ع ۾ مشھور ڪمپني ‘ٽاٽا’ ۾ ڊائريڪٽر رهيو. ورهاڱي بعد پاڪستان جي پهرين ڪابينا ۾ خزاني جو وزير مقرر ٿيو. 1951ع تائين لياقت علي خان جي شهادت تائين ان عهدي تي فائز رهيو. لياقت علي خان جي شهادت کان پوءِ گورنر جنرل خواجا ناظم الدين کي وزيراعظم ۽ ملڪ غلام محمد کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن پنھنجي گورنريءَ واري دور ۾ خواجہ ناظم الدين کي سندس عهدي تان هٽائي، غلام محمد بوگرا کي وزيراعظم مقرر ڪيو. غلام محمد بوگرا سان سياسي اختلافن سبب آئين ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙي ڇڏيائين. 5 آگسٽ 1955ع تي سندس بيماريءَ سبب سندس عهدي تي اسڪندر مرزا کي عارضي طور مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي 7 آڪٽوبر تي اسڪندر مرزا ملڪ جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ملڪ غلام محمد جو سياسي دور پورو ٿيو. هن 29 آگسٽ 1956ع تي وفات ڪئي. کيس 30 آگسٽ 1956ع تي ڪراچيءَ جي مشھور گورا قبرستان ڀرسان فوجي قبرستان ۾ سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو.
1895.08.29 عيسوي
اڳوڻو گورنر جنرل پاڪستان، اقتصاديات جو ماهر ۽ اڳوڻو خزاني جو وزير، ملڪ غلام محمد، 29 آگسٽ 1895ع ۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو.
1956.08.29 عيسوي
ملڪ غلام محمد 29 آگسٽ 1956ع تي وفات ڪئي. کيس 30 آگسٽ 1956ع تي ڪراچيءَ جي مشهور گورا قبرستان ڀرسان فوجي قبرستان ۾ سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو.