غلام محمد مهيسرعلامه: مشھور عالم ۽ بزرگ علامہ ميان غلام محمد مهيسر رحه ولد آخوند ميان عبدالڪريم 1248ھہ/ 1832ع ڌاري ڳوٺ ڪمالديري، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. سندس والد پنھنجي وقت جو نامور عالم ۽ سندس ڏاڏو مولوي ميان فقير محمد مهيسر پڻ هڪ وڏو عالم، عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر، اعلى درجي جو خطاط ۽ بھترين ڪاتب هو. علامہ ميان غلام محمد مهيسر هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هو. هڪ بلند پايه عالم، فقيه ۽ مفتي هئڻ سان گڏ فقير، اهل ﷲ ۽ صاحب شريعت و طريقت، اهل دل عارف هو. اهو ئي سبب آهي، جو مختلف عقيدن ۽ مسلڪن جي ماڻهن سان گڏ عام ماڻهن جو هڪ وڏو انگ سندس احترام ڪندو هو ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس مختلف مانائتن نالن ۽ لقبن جھڙوڪ ‘مولوي صاحب’، ‘ڏاڏا سائين’، ‘ڪمالديري وارا سائين’، ‘سرور سائين’، ‘ٻڍڙا سائين’ ۽ ‘فقير ڪمالديري وارو’ سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
علامہ ميان غلام محمد ننڍيءَ عمر ۾ ئي حصول علم جي جستجو ۾ گهر کي خيرباد چيو ۽ پنھنجي عمر جو لڳ ڀڳ اڌ حصو علم جي حاصلات ۾ ٻاهر گذاريو. شروعاتي تعليم تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ پنهواري شريف ۾ مولانا عبدالقادر انڍڙ جي درسگاھہ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سنڌ جي مشھور درسگاھہ شھدادڪوٽ مان مولانا ميان گل محمد شهدادڪوٽيءَ ۽ سندس ڀاءُ علامہ ميان غلام صديق شهدادڪوٽيءَ وٽان فارغ التحصيل ٿيو. تڪميل کانپوءِ پاڻ سموري زندگي درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو، جنهنڪري سَون جي تعداد ۾ سندس شاگرد پيدا ٿيا.
علامہ ميان غلام محمد مهيسر کي پنهنجن شاگردن جي علمي ۽ روحاني تربيت سان گڏ سندن عملي زندگيءَ لاءِ بہ اونو رهندو هو، انڪري فارغ التحصيل ٿيڻ وقت ضروري ڪتابن سان گڏ طب ۽ علم ڪيميا جا ڪتاب بہ سندن حوالي ڪندو هو تہ جيئن عوام الناس جي خدمت سان گڏ پنھنجي معاش جي حاصلات ۾ کين ڏکيائي پيش نہ اچي. علامہ صاحب علم طب تي عبور رکندو هو ۽ ماڻهن کي دعا سان گڏ دوا پڻ ڏيندو هو. پاڻ صرف ۽ نحو جي علم جو ڄاڻو ۽ ’خط فارسي‘ (جنهن ۾ ڪيتري بہ ڊگهي مضمون کي مختصر انداز ۾ لکي سگهبو هو) جو ماهر، بھترين ڪاتب ۽ خطاط هو. سندس قائم ڪيل ڪتبخاني ۾ علم، فن ۽ زندگيءَ جي هر عنوان سان لاڳاپيل ڪتاب موجود آهن، جن ۾ حديث، فقه، تفسير، منطق، تاريخ، تصوف ۽ طب شامل آهن. هن ڪيتريون ئي فتوائون بہ جاري ڪيون، جنهن لاءِ عقيدتمند ڏورانهن پاسن کان ڪھي ايندا هئا. سندس حق گوئي وري اهڙي هوندي هئي، جو وقت جي حاڪم کي بہ سچ چوڻ کان نہ مڙندو هو. ميرن جي درٻار ۾ سندس چيل لفظ ۽ مڪالمه اڄ بہ مشھور آهن. سندس علمي دسترس ۽ منصفانه عظمت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ 1896ع ۾ جڏهن کهڙا شھر جي مخدوم خاندان جي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ملڪيت جو تڪرار ڪورٽ تائين پهتو تہ شڪارپور جي انگريز سول جج علامہ صاحب کي هن مقدمي ۾ آربيٽريٽر (ٽياڪڙي ڪندڙ) مقرر ڪيو ۽ ميان صاحب پاران جاري ڪيل فيصلي کي اکر بہ اکر پنھنجي عدالتي ڊڪري (حڪم) طور جاري ڪيائين. سليس ۽ قانوني ٻوليءَ ۾ سندس لکيل اهو دستاويز ان ڳالھہ جو ثبوت آهي تہ ان وقت سنڌي نہ فقط دفتري زبان، پر هڪ مڪمل قانوني زبان پڻ هئي.
سنڌ جو هاڪارو سياستدان، برک عالم ۽ ناميارو صحافي علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي 1940ع- 1930ع ڌاري ‘سنڌ زميندار’ اخبار جو ايڊيٽر هو. علامہ صاحب جي بلند و بالا شخصيت کان متاثر ٿي، اڪثر وٽس ايندو هو. هن پنھنجي ڪتاب ‘اهي ڏينهن اهي شينهن’ ۾ سندس ذڪر پڻ ڪيو آهي. راشدي خاندان جي پير سيد حزب ﷲ شاھہ ‘مسڪين’ المعروف ‘ڪوٽ ڌڻي’ سان سندس خاص دوستي هئي.
علامہ ميان غلام محمد 10 شعبان 1358ھہ/ 25 سيپٽمبر 1939ع تي وفات ڪئي. سندس عرس هر سال سندس درگاھہ تي منعقد ڪيو ويندو آهي. علامہ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ميان عنايت ﷲ مهيسر سندس مسند سنڀالي، جڏهن تہ هن وقت سندس پوٽو انجنئير ميان شفيق احمد مهيسر، درگاھہ عاليه جي خدمت ڪري ٿو. بزرگ جي نوادرات ۽ قلمي مخطوطن کي اتي قائم ڪيل لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.