غلام مرتضيٰ کوسو

غلام مرتضيٰ کوسو

غلام مرتضيٰ کوسو

غلام مرتضيٰ کوسو: قديم آثارن جو ناميارو ماهر ۽ محقق، غلام مرتضيٰ کوسو ولد خان محمد، 12 جنوري 1956ع تي نوابشاھہ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم نوابشاھہ مان حاصل ڪرڻ بعد 1984-1983ع ڌاري بيچلر جي ڊگري سول انجينئرنگ ۾ حاصل ڪيائين. جڏهن تہ عملي زندگيءَ جي ابتدا فبروري 1985ع ۾ هڪ نجي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ‘سردار اينڊ ياسين’ ڪراچيءَ ۾ سائيٽ انجنيئر طور ڪيائين ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ شگر مل جي تعميراتي ڪم ۾ اپريل 1986ع تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن کانپوءِ انهيءَ سال ڪراچي جي هڪ ٻئي تعميراتي اداري ’آرڪيٽيڪٽ اينڊ انجنيئر گروپ‘ ۾ سائيٽ انجنيئر ۽ 13 آگسٽ 1986ع تي موهن جي دڙي عجائب گهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪنزرويشن اسسٽنٽ جي عهدي تي عملي ذميواريون سرانجام ڏنائين.
22 فيبروري 1988ع تي وفاقي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪوئيٽا ۾ قائم عجائب گهر واري شعبي ۾ اسسٽنٽ آرڪيالاجيڪل انجنيئر مقرر ٿيو، جتان کيس آگسٽ 1988ع ۾ آرڪيالاجيڪل ميوزيم موهن جي دڙي لاڙڪاڻي ۾ بدلي ڪيو ويو، جتان 2001ع ڌاري حيدرآباد ۾ قائم قديم آثارن جي شعبي ۾ بدلي ٿي ۽ 2006ع ۾ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيم، اسلام آباد ۾ آرڪيالاجيڪل انجنيئر جي عهدي تي فائز ٿيو. ان کانپوءِ اپريل 2007ع کان مارچ 2011ع جي عرصي دوران سرڪاري سطح تي بلوچستان جي ٻن قديم ماڳن مير چاڪر خان جو قلعو سبي ۽ مهرڳڙھہ سائيٽ بولان جي ترقياتي رٿا جو ڊائريڪٽر ۽ آڪٽوبر 2009ع کان مارچ 2011ع تائين موهين جي دڙي جي ترقياتي رٿا جو سربراھہ پڻ رهيو ۽ ان کانسواءِ قديم آثارن جي حوالي سان ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. غلام مرتضى کوسو پاڪستان جي قديم ماڳ مڪانن تي تحقيقي مقالا پڻ لکي چڪو آهي، جن ۾: ميرن جا مقبرا حيدرآباد (2005ع)، جين مندر ننگرپارڪر (2005ع)، چؤکنڊي مقبرا ۽ بلوچ قبرستان (2006ع)، ڪوٽڏجي خيرپور (2006ع)، تاريخي ماڳ مهرڳڙھہ بولان بلوچستان صوبو، قرآن گئلري، نيشنل ميوزيم ڪراچي (2007ع) ۽ سنڌو تھذيب جي ماڳ موهن جي دڙي جي سار سنڀال، بحالي ۽ مرمت شامل آهن. پاڻ هن وقت ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيم ۾ 18 گريڊ جي عهدي تي بطور آرڪيالاجي انجنيئر، اسلام آباد ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ غلام مرتضيٰ کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.01.12  عيسوي

قديم آثارن جو ناميارو ماهر ۽ محقق، غلام مرتضيٰ کوسو ولد خان محمد، 12 جنوري 1956ع تي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس جتوئي
شيخ خضر سيوستاني
ٿامس هينري ونس
پليجو عبدالحئي
پوڪرداس ٿانور داس
سوئيڪارنو
سيد صلاح الدين شاھہ
گاگسنگهه آتمارام آڏواڻي
اسماعيل عرساڻي
احمد شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون