غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي

غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي: خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي ولد غلام محمد خان 7 جنوري 1913ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڊينگاڻ ڀرگڙي تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾ ورتائين. بعد ۾ حيدرآباد جي نؤ ودياليه هاءِ اسڪول ۾ اچي انگريزي پڙهڻ ويٺو. سندس والد 1924ع ۾ انتقال ڪيو. هن کي ديرادون پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جتي 1931ع ۾ سينئير ڪيمبرج جو امتحان ڏنائين. مارچ 1931ع ۾ ڀڳت سنگهہ ۽ دت کي ڦاسي اچڻ وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي. ان ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو. 1937ع ڌاري خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ کيس ” امير جانبازان هند“ جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ ۾ هو ڪيترائي سال ڪم ڪندو رهيو. يو پيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ سبب جيل بہ ويو. 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1946ع ۾ پهرين اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيهر چونڊون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن جھڙوڪ پيپلز پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، هاري پارٽي ۽ عوامي ليگ گڏجي متحدہ محاذ قائم ڪري اميدوار بيهاريا. انهن اميدوارن مان ست اميدوار چونڊجي آيا جن ۾ غلام مصطفيٰ بہ شامل هو. هو ان اتحاد جو ڊپٽي ليڊر هو. جڏهن 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو تہ ان ٺهراءُ جي مخالفت ۾ جن چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، تن مان هڪ رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي بہ هو. 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ بہ رئيس صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ” سنڌ متحدہ محاذ پارٽي“ مخالفت ۾ هئي ۽ رئيس صاحب ان پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ سنڌ بلوچستان ۽ فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس ڪٺي ٿي. جنهن ۾ ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺهيو، جنهن جو رئيس صاحب خزانچي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ مغربي پاڪستان جي ٽن مکيہ جماعتن (1) سنڌ متحدہ محاذ، (2) آزاد پاڪستان پارٽي ۽ (3) سرخ پوش جماعتن گڏجي ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ قائم ڪئي، جنهن جو رئيس صاحب مکيہ ميمبر رهيو. ٿوري وقت بعد ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ ۽ عوامي ليگ گڏجي ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، ”پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي“ ٺاهي. ان ڪنوينشن ۾ رئيس صاحب شرڪت ڪئي ۽ ان جماعت جو مکيہ ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. رئيس صاحب حقيقت شناس، دور انديش، چٽو سياسي شعور رکندڙ باهمت قومي ڪارڪن هو. لکين رپيا پنھنجي ذاتي ضرورتن لاءِ هوندي بہ بنھہ درويشانه ۽ سادي زندگي گذاريندو هو. هميشہ ترڪي ٽوپي پائيندو هو ۽ خوش طبع ۽ خوش مزاج حد درجي جو هو، وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو هو. رئيس صاحب کي ٻہ فرزند آهن. (2) رئيس عبدالقيوم ۽ (2) رئيس عبدالقادر.


لفظ غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.01.07  عيسوي

غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي 7 جنوري 1913ع ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ستيه پال
قاضي سيف الدين
سيد نور شاھہ
ابو الليث صديقي پروفيسر
ڀائي ڪنيا
خفيف III
پکيئڙو محمد صديق
شفيع محمد شاھہ
سيد موزل شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون