غلام مصطفيٰ خان ڊاڪٽر

غلام مصطفيٰ خان، ڊاڪٽر: مشھور تحقيق نگار، تنقيدنگار، لسانيات جو ماھر ۽ اردو ٻوليءَ جي صوفي عالم جي پيدائش،23 سيپٽمبر 1912ع تي جبل پور گڏيل ھندستان ۾ ٿي. ھن نائون ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ انجمن اسلاميھ ھاءِ اسڪول جبل پور مان پاس ڪيو ۽ پوءِ سموري تعليم علي ڳڙھھ مسلم يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ھن ايل. ايل. بي ۽ ايم. اي جون ڊگريون بھ علي ڳڙھھ مسلم يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ھن ايم. اي اردو ادب ۽ فارسيءَ ۾ ڪئي ھئي، جيڪا 1947ع ۾ مڪمل ڪري پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. 1959ع ۾ کـيس ڊي. لــٽ جي ڊگــري ناگپور يونيورسٽيءَ عطا ڪئي.
ھي ھندستان جي شھر امروٽيءَ جي ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ترت پاڻ پاڪستان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رھيو ۽ اردو ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. کيس 1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اردو شعبي جو سربراھھ مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ سموري حياتي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ رھيو. ھن جي علمي لياقتن کي ڏسندي کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن مان ‘ستارہ امتياز’، ‘نقوس اوارڊ’، ‘اقبال اوارڊ’ ۽ ‘نشانِ سپاس’ اھم آھن. ھن ڪيترائي مضمون، ڪتاب، ترجما ۽ تحقيقي مقالا لکيا، جن جو تعداد 93 آھي. ھن جو مشھور ڪتاب ‘اقبال اينڊ قرآن’ ڪافي مشھور ٿيو ۽ کيس ادارہ ادبيات پاڪستان طرفان سونو ٻلو ڏنو ويو. 1959ع ڌاري نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏجي ‘سنڌي- اردو ڊڪشنري’ ترتيب ڏنائين. سندس لکيل ڪتابن مان ‘قرآن و حديث ڪي محاورات’ (اردو)، ‘متحابات’ (اردو)، ‘اقبال اور قرآن’ (اردو)، ‘مسائل اربعين’ (اردو)، ‘جامع القواعد’ (اردو)، ‘ضيا القرات’ (اردو) ۽ ٻيا ڪيترائي شايع ٿيل آھن. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان مشھور مذھبي ۽ روحاني اڳواڻ طور بھ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن جي شاگردن ۾ اردو ادب جا وڏا نالا: ابن انشا، ڊاڪٽر جميل جالبي، عبداللعيث صديقي، ڊاڪٽر اسلم فرخي، فرمان فتح پوري، معين عقيل، ابو الخير ڪشفي ۽ ڊاڪٽر سيد وقار احمد رضوي اچي وڃن ٿا. ھن جي شخصيت ۽ ڪم تي مشھور اديب پروفيسر مسرور احمد ضياءَ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي آھي. انهي ٿيسز جي نگراني ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ ڪئي ھئي. پاڻ 25 سيپٽمبر 2005ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو باءِ پاس حيدرآباد ڀرسان آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو