
غلام مصطفيٰ مشتاق
غلام مصطفيٰ مشتاق: تعليمي ماهر، اديب ۽ مترجم غلام مصطفيٰ ‘مشتاق’ ولد عبدالرحميم ميمڻ، 15 آڪٽوبر 1945ع تي لاهوري محلي، شھر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين، جنهن بعد سکر جي گورنمينٽ ڪاليج مان 1966ع ۾ بي. ٽي ڪري ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. نوڪري دملڻ بعد ايم.ايڊ ۽ ايم.اي (مسلم هسٽري) پڻ ڪيائين. اٺن سالن تائين ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪرڻ بعد سپروائيزر، پوءِ 1968ع ۾ سترهين گريڊ ۾ ترقي ماڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. جون 1991ع ۾ تعليم کاتي ۾ تعلقہ آفيسر شهدادڪوٽ، نومبر 1992ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ هيڊماستر، مارچ 1993ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اسپورٽس) لاڙڪاڻو، مئي 1990ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ هيڊماستر، آگسٽ 1993ع ۾ تعلقہ آفيسر شهدادڪوٽ، اپريل 1995ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول چڪ ۾ هيڊماستر، آگسٽ 1995ع ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر (ميل) لاڙڪاڻو، جون 1996ع کان گورنمينٽ ديني مدرسہ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر، اپريل 1997ع ۾ هاءِ اسڪول گجڻ پور ۾ هيڊماستر رهيو، جتان پهرين مئي 1998ع تي رٽائر ٿيو.
سرڪاري نوڪري کان فارغ ٿيڻ بعد بہ تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، کيس الخير يونيورسٽي ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي ڪئمپس ۾ وائيس پرنسپال طور فائز ڪيو ويو. پاڻ سڄي زندگي تعليم سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين. ڪيترن ئي ادبي ادارن جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ ‘بزم سچل’ جو صدر، ‘سنڌي ساهت سوسائٽي’ سنڌ جو صدر، ‘سنڌي ادبي سوسائٽي’ سنڌ جو صدر، ‘ڀٽائي ادبي تنظيم’ جو صدر، ‘لاڙڪاڻي هسٽاريڪل سوسائٽي’ جو ميمبر ۽ ‘سچل ادبي’ مرڪز لاڙڪاڻي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. هن ڪجهہ قدر شاعري پڻ ڪئي، جڏهن تہ نثر ۾ گهڻو لکيو اٿس.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘شيطاني چڪر’، ‘سوين سج’، ‘سستو خون مهانگا جذبا’، ‘معلومات مهراڻ’، ‘سچوسرواڻ صہ’، ‘پاڪستان ڪوئز’، ‘مخدوم بلاول رحه’، ‘مسلمانن جا سائنسي ڪارناما’، ‘ملا شمن جو وظيفو’، ‘سوچن جي سرهاڻ’، ‘مديني جو مير صہ’، ‘مذهب ۽ سائنس’ (ترجمو)، ‘خدا، اسلام ۽ جديد سائنس’ (ترجمو)، ‘مٺڙو رسول صہ’، ‘جنرل ناليج’، ‘نفس جو محاسبو’ (ترجمو)، ‘ڳالهيون شاھہ لطيف جون’، ‘شاھہ جو رسالو’ (ترتيب) کان سواءِ سندس لکيل درسي ڪتابن ۾: ‘سنڌي پنجون ڪتاب’، ‘سنڌي ڇهون ڪتاب’، ‘سنڌي ستون ڪتاب’، ‘استادن جو رهبر’ پنجين درجي لاءِ (هي چارئي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ،ڄامشوري پاران ڇپيا)، ‘اسلام '>تاريخ اسلام ’ (چار حصا)، ‘مطالعه پاڪستان’ (بي. اي، بي. ايس. سي لاءِ)، ‘شھريت’ (يارهين ڪلاس لاءِ)، ‘شھريت پاڪستان’ (ٻارهين ڪلاس لاءِ)، ‘پوليٽيڪل سائنس’ (بي. اي پارٽ ون لاءِ)، ‘شرح آسان اردو’ (ڏهين ڪلاس لاءِ)، ‘شرح سنڌي’ (نائين ڪلاس لاءِ)، ‘دنيا جا آئين’ (بي. اي پارٽ ٽُو لاءِ)، ‘مشتاق رهبر’ (درجي ٻئين کان پنجين لاءِ) ۽ ‘ڪامران مضمون نگاري’ وغيرہ شامل آهن.
هن پنھنجي ڪيترن ئي نصابي ڪتابن تي انعام پڻ حاصل ڪيا. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.