غلام مصطفيٰ مشتاق سمون

غلام مصطفيٰ ‘مشتاق’ سمون: مشھور ڍولڪ نواز استاد غلام مصطفى ‘مشتاق’ ولد حاجي خان، جيڪو موسيقيءَ جي حلقن ۾ ‘استاد مشتاق’ جي نالي سان مشھور آهي، تنهن 1961ع ڌاري ڳوٺ ڇتي منگي تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس نصابي تعليم پنج درجا آهي، پاڻ اٽڪل ٻارهن سالن جي عمر کان طبلي ۽ ڍولڪ واري فن سان سلهاڙيل آهي. استاد مشتاق طبلي توڙي ڍولڪ وڃائڻ جي بنيادي سکيا پنھنجي والد کان ورتي، بعد ۾ استاد حاجي خان دوداپوري سندس باقاعدہ استاد ٿيو. پاڻ طبلي جا ڪجهه سبق استاد امام بخش ۽ استاد قلندر بخش (ننڍي) رتيديري واري کان بہ ورتا. استاد مشتاق جي فن ۾ هڪ انفراديت اها بہ چئبي، جو هن سنڌ ۾ ڍولڪ جي جاءِ تي ‘نال’ جي وڄت متعارف ڪرائي، کيس ڏسي ڪري ڪيترن ئي ڍولڪ نوازن نال وڄائڻ کي ترجيع ڏني. پاڻ پنھنجي زندگيءَ جا پورا پنجويھہ سال ديدار حسين سمي سان سنگت ڪئي اٿائين. ان کان سواءِ هيل تائين استاد حامد علي خان، استاد خورشيد علي خان، استاد گلزار علي خان، بشير بلوچ، اختر چنال، استاد وحيد علي خان، استاد ارباب علي خان کوسو، سيد ظفر علي شاھہ، سينگار علي سليم، پائند خان (افغاني گويو)، استاد گلزار علي خان سانگهڙائي، استاد لونگ خان سنديلو، نظير حسين تنيو، علي محمد وڳڻ، ديدار حسين سمون، غلام شبير سمون (ڀاءُ) ٻين ڪيترن فنڪارن سان سنگت ڪري چڪو آهي.
استاد مشتاق طبلي ۽ نال وڄائڻ سان گڏوگڏ ڇانڀي ۽ شرناءِ جو بہ بھترين فنڪار آهي. پاڻ هيل تائين ڪافي شاگرد تيار ڪري چڪو آهي، جن ۾: لعل بخش چنو، غضنفر گل چنو، جاويد علي ميراثي، محمد صفر ميراثي، سنجئه ڪمار، عبدالوحيد شيخ جا نالا اچي وڃن ٿا. هاڻي رتيديري مان لڏي لاڙڪاڻي شھر ۾ قيام پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو