غلام مصطفيٰ مھجور

غلام مصطفيٰ مھجور

غلام مصطفيٰ مھجور

غلام مصطفيٰ ‘مھجور’: غلام مصطفيٰ ‘مھجور’ ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي، لڳ احمدپور، تعلقي ڪنگري (تڏھوڪي تعلقي خيرپور)، ضلعي خيرپور ۾ 1935ع ۾ پيدا ٿيو. ھو پنھنجي دور جي مشھور ۽ قادرالڪلام شاعر غلام نبي ‘اداسيءَ’ جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ ھو ۽ اداسيءَ جي صحبت ۽ شفقت ۾ کيس بھ شاعري ورثي ۾ ملي ھئي. غلام مصطفيٰ مھجور گوشھ نشين شاعر ھو. ان ڪري مشاعرن ۾ شرڪت نھ ڪندو ھو. شاعري ٿوري پر معياري ڪيائين. سندس اکر (سنڌي توڙي انگريزي) خوبصورت ھوندا ھئا. ھو سخي مرد ھو. ھن 2 مئي 2002ع تي لاڏاڻو ڪيو. سندس شاعريءَ مان ڪجهھ انتخاب ھتي پيش ڪجي ٿو:
قسم خدا جي ذات جو مان بيقصور ھوس،
پر جي خطا بھ ٿي وئي، انسان ضرور ھوس.


لفظ غلام مصطفيٰ مھجورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو