ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو

غلام مصطفيٰ کهڙو ڊاڪٽر

غلام مصطفيٰ کهڙو، ڊاڪٽر: نامور اديب، شاعر ۽ لطيف شناس، غلام مصطفيٰ کهڙو ولد نور محمد کهڙو، 29 آگسٽ 1964ع تي ڳوٺ دلاور کهڙي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هيءُ نيشنل بئنڪ حيدرآباد ۾ گريڊ ون آفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن.
غلام مصطفيٰ کهڙي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي شعبي ۾ ‘شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو’ عنوان سان پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) سخي بابا صلاح الدين چترالي (2012ع)، (2) شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو (2013ع)، (3) محمد شاھہ مڪي (2013ع)، (4) شاھہ لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت (2013ع)، (5) سڄڻ ۽ ساڻيھہ (مقالا ۽ مضمون: 2015ع) شامل آهن. هيءُ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.08.29  عيسوي

نامور اديب، شاعر ۽ لطيف شناس، غلام مصطفيٰ کهڙو ولد نور محمد کهڙو، 29 آگسٽ 1964ع تي ڳوٺ دلاور کهڙي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيرنگ بادشاھہ
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
الھہ بخش شاھہ بخاري
رايا ييگورووا
اڪبر بادشاھہ
بابا سريچند
خانزئي مولوي غلام محمد
صالح حاجاڻو
شير محمد خان بجاراڻي
محمد پريل بيدار مڱريو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون