غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو

غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو

غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو

غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو: غلام مصطفى ولد حڪيم صوفي لعل بخش ڪانڌڙو، 13 اپريل 1949ع ڌاري ڳوٺ خدا بخش ڪانڌڙو تعلقي موري ۾ ڄائو. صوفي غلام مصطفى پرائمري کان مئٽرڪ تائين موري ۾ پڙهيو، جتان 1966ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انهيءَ دوران پنھنجي والد کان طب جي تعليم بہ حاصل ڪندو رهيو. جنهن بعد سنڌ طبيب ڪاليج حيدرآباد مان طب جي چئن سالن جو ڪورس 1970ع ۾ پاس ڪري حڪمت جو پيشو اختيار ڪيائين. هن موري شھر ۾ 1980ع ۾ طبيه ائسوسيئيشن جو بنياد وڌو. ان کانپوءِ سندس ئي ڪوششن سان 1987ع ۾ مهراڻ طيبہ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن جو پاڻ پرنسپال مقرر ٿيو.
حڪيم غلام مصطفى علم و ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهي ٿو. ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي، جن ۾ مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي مورو، لطيف ادبي ڪلب مورو، مورو سٽيزن الائنس، نيشنل ڪائونسل فار طب، بزم صوفياءِ سنڌ، جھانيان ڪلچرل سوسائٽي. حڪيم صوفي غلام مصطفى انهن سڀني سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو سرگرم ڪارڪن آهي. غلام مصطفى حڪمت کانسواءِ، اديب جي حيثيت سان بہ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. تاريخ اسلام، ادب، شخصيتن، عالمن ۽ دانشورن تي سندس ڪيترائي لکيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا گهڻن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس تحقيقي مقالن ۾: حضرت بلاول نوراني، فقير عبدالخالق ’غمدل‘ سائين سنڌ جو ڪامل ولي ۽ صوفي شاعر، سانوڻ فقير ’نڙ بيت جو شهنشاھہ‘، حضرت مخدوم حسن جهانيان، سيد مهدي شاھہ جھانيان شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو