غلام مهتديٰ لکوي

غلام مهتديٰ لکوي: مشھور بزرگ شاعر سيد غلام مهتديٰ ولد سيد محمد وفا لکويءَ 1825ع ڌاري لکي شهر، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هيءُ پنھنجي وقت جو نامور حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن ديني تعليم پنھنجي ڀائرن غلام مصطفيٰ ۽ غلام مجتبيٰ کان حاصل ڪئي. حڪمت جو علم بہ اتان ئي پرايائين. شاعري ۽ حڪمت کيس ورثي ۾ مليل هئي. سندس والد بہ پنھنجي وقت جو نامور حڪيم هو. هيءُ لنواريءَ وارن بزرگن جو مريد هو. جنهن سبب نقشبندي طريقت اختيار ڪيائين. غلام مهتديٰ کي سنڌي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي عبور حاصل هو. هن جي شاعري فارسي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي. ‘جمع الفوائد’ ۾ سندس ڪيترائي نسخا تحرير ٿيل آهن. هن جا ڪيترائي ڪيميائي ۽ طبي نسخا مشھور آهن. سندس همعصر شاعرن ۾ سيد احمد علي شاھہ، سيد غلام مجتبيٰ، ميان نور محمد پيرزاده، تڳيل فقير، فقير الھہ رکيو مهر، عبدالعزيز سومرو، عبدالله سومرو قابل ذڪر آهن. غلام مهتديٰ لکويءَ جو ذڪر ۽ فارسي بيت نامور اديب علامہ شمس العلماء دائودپوٽي ‘ابيات سنڌي’ ۾ بہ ڪيو آهي. سندس شادي سئوٽ پير محمد لکويءَ جي نياڻيءَ سان ٿي، پر کيس ڪو بہ اولاد ڪونه ٿيو. غلام مهتديٰ 1900ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ آبائي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو