غلام مهدي قاضي

غلام مهدي، قاضي: شاعر ۽ اديب، قاضي غلام مهدي، 1276ھہ/ 1859ع ڌاري روهڙيءَ ۾ قاضي پير محمد جي گهر ۾ جنم ورتو. مقامي مڪتبن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌيءَ جي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين. روهڙي ۽ پير ڳوٺ ۾ نوڪري ڪيائين. 1908ع ۾ پير ڳوٺ ۾ هيڊماستر رهيو. عالم ۽ اديب عبدالحسين موسوي سندس شاگرد هو. نوڪريءَ سان گڏ علمي ادبي پورهيو جاري رکيائين. شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جن مان هڪ بيدل فقير جي سوانح حيات تي پڻ آهي. ساڳئي وقت صوفي تحريڪ تي هڪ ڪتاب ‘انيس المساڪين’ عرف ‘راحت السالڪين’ لکيائين، جيڪو 12 بابن تي مشتمل آهي. قاضي غلام مهدي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات بابت ‘سکر تاريخ ۽ سماج’ ۾ زباني روايتن جي بنياد تي سال 36-1935 ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو