غلام مھدي شاھه: مشھور شاعر سيد غلام مھدي شاھھ، مٺي ديري، ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل ھو. ھيءُ پنھنجي وقت جو نامور شاعر ٿي گذريو آھي. ھن ڪافيون، مولود ۽ مزاحيھ شعر لکيو. غلام مھدي شاھھ، حضرت علي عھ سان منسوب جنگ ‘خيبر جنگ’ کي منظوم مثنويءَ جي سٽاءَ ۾ لکيو. جيڪا ھن 1905ع مطابق 7 شعبان 1333ھھ تي لکي پورو ڪيو. ڪتاب ‘لاڙڪاڻو ساھھ سيباڻو’ جو ليکڪ لکي ٿو تھ، “مٺي ديري، لاڙڪاڻي جو ويٺل ھو. ڪافيون، مولود وغيرہ چيائين.” سندس منظوم مثنويءَ جو ڪتاب شوالداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور ليٿو ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس شاعريءَ جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
ترارن کي تکو اڳتي وڌايو
حڪم حيدر بھ اھڙو ئي ھلايو،
متان ڪو پوئتي مومن نھاري،
ڪُڏي سر ڪافران ھڻجو ھاڪاري.