
غلام نبي اداسي
غلام نبي ‘اداسي’: غلام نبي ‘اداسي’ کوسي بلوچ جو جنم 1916ع ڌاري احمدپور لڳ ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي، موجودہ تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. ھن 12- 13 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. اڳتي ھلي پنھنجي دور جي وڏن شاعرن ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو. سندس علمي، ادبي ۽ ذاتي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع ھوندو ھو. شاعريءَ جي علم تي کيس عبور حاصل ھو. خادم رفيقي ۽ غازي فقير سيال سميت ڪيترائي شاعر وٽانئس اصلاح ڪرائيندا ھئا. خيرپور جا مير حڪمران سندس گهڻي عزت ڪندا ھئا. روايت آھي تھ ھڪ ڀيري خيرپور جي والي ھزھائينس مير علي نواز ‘ناز’ جي شاھي درٻار ۾ ھندستان کان آيل قوال ڳائي رھيا ھئا تھ ‘اداسي’ ھڪ مصرع “محمد مصطفيٰ صھ ڪو حضرت يوسف سي ڪيا نسبت” تي اعتراض واريندي قوالي روڪرائي. ان محفل ۾ نسيم امروھوي (جنھن خيرپور جي تاريخ لکي)، آغا شاعر قزلباش، شميم امروھوي، بھار ملتاني ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا شاعر ۽ سخنور موجود ھئا. ان وقت غلام نبي ‘اداسي’ جي عمر فقط 16 سال ھئي. متل محفل کي روڪرائڻ تي مير علي نواز ‘ناز’ کانئس سبب پڇيو. جنھن تي ھن ٻڌايو تھ اھا سِٽ اصل ۾ “محمد مصطفيٰ صھ سي حضرت يوسف ڪو ڪيا نسبت” آھي، جيڪا غلط پڙھي محمد مصطفيٰ صھ جي شان ۾ گستاخي ڪئي پئي وڃي. مير علي نواز ‘ناز’ جواب ٻڌڻ کانپوءِ قوال کي سِٽ درست اُچارڻ جي ھدايت ڪئي ۽ غلام نبي ‘اداسي’ کي 100 روپيا انعام ڏيندي چيائين تھ 50 روپيا تنھنجي سخن شناسيءَ جو انعام ۽ 50 روپيا منھنجي محفل بند ڪرائڻ تي جرئت جو انعام ڏيان ٿو.
غلام نبي ‘اداسي’ ڳاڙھي موريءَ ۾ ‘بزم سليم’ (سليم ڳاڙھويءَ جي نالي تي قائم ٿيل) تنظيم پاران 1957ع کان 63-1962ع تائين ٿيندڙ طرحي مشاعرن ۾ پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو ھو ۽ شعر پڻ پڙھندو ھو. ‘اداسيءَ’ جو غزل جي انداز ۾ لکيل ھڪ حمد تمام گهڻو مقبول ٿيو، جيڪو اڪثر مشاعرن ۾ کانئس فرمائش ڪري پڙھايو ويندو ھو. جنھن جو نمونو ھيٺ پيش ڪجي ٿو:
احد انسان جي صورت اندر اظھار ٿي آيو،
نفي اثبات ۾ نازل عيان انوار ٿي آيو.
الم اندوھھ کان آزاد ٿيو آھي ‘اداسي’ اڄ،
غلامي جنھن سندي آھي، سو خود غمخوار ٿي آيو.
ھن سنڌيءَ کان سواءِ اردوءَ ۾ بھ شاعري ڪئي. غلام نبي ‘اداسي’ مھمان نواز، سخي، انسان دوست ۽ غريبن جو ھڏ ڏوکي ھوندو ھو. سندس ٻھ پٽ عنايت بلوچ ۽ ھدايت بلوچ بھ سنڌي ٻوليءَ جا نامور شاعر ۽ اديب آھن.
غلام نبي ‘اداسيءَ’ 6 جولاءِ 1963ع تي 47 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.