غلام نبي جھلڻ

غلام نبي جھلڻ

غلام نبي جهلڻ

غلام نبي جهلڻ: گراموفون رڪارڊز سنڀالي رکندڙ غلام نبي جهلڻ، 1958ع ڌاري سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. ھن وٽ مختلف ٻولين سنڌي، اردو، بلوچي، بنگالي، گجراتي، پنجابي، پشتو وغيرہ ٻولين ۾ ڏھھ ھزار کان وڌيڪ رڪارڊ موجود آھن. غريب گهراڻي سان تعلق ھجڻ سبب پرائمريءَ تائين پڙھي سگهيو. ننڍپڻ ۾ سندس والدين وفات ڪري ويا. ننڍپڻ ۾ ڦوٽي خان سنجراڻيءَ وٽ درزڪو ڪم ڪيائين. غلام نبي کي گرامو فون گڏ ڪرڻ جو شوق پنھنجي چاچي وٽان مليو. ھن وٽ ڏھھ ھزار کان وڌيڪ مختلف ٻولين ۾ گرامو فون جا رڪارڊ آھن. ھي گرامو فون سنڌ جي مختلف ڪٻاڙين وٽان خريد ڪري پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويو آھي. جنھن جي وٽس ھڪ وڏي لائبرري آھي. ھي ھر سال شاھپور چاڪر ۾ گرامو فون جي شوقينن جي ھڪ وڏي محفل مچائيندو آھي. جنھن ۾ پوري پاڪستان کان ماڻهو گراموفون کڻي ايندا آھن. جنھن ۾ ھر شوقين چار ريڪارڊ ھلائي سگهندو آھي. ھي پنھنجو شوق اڄ بھ قائم رکيو پيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو