
غلام نبي مغل
غلام نبي مغل: مشھور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل 12 مارچ 1944ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم کانپوءِ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، بي.اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ ايل.ايل.بي لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ جي عهدي تائين پهتو. غلام نبي مغل 14 سالن جي عمر ۾ لکڻ جي شروعات ‘اردو ڪهاڻين’ سان ڪئي. ان وقت سندس ڪهاڻيون اردو مخزن ‘ادب لطيف’ ۽ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ رسالي ‘نيا راهي’ ۾ ڇپبيون هيون. هن جي سنڌيءَ ۾ پهرين ڪهاڻي ‘تر’ هئي، جيڪا حميد سنڌيءَ جي رسالي ‘روح رهاڻ’ ۾ ڇپي. سندس ٻي ڪهاڻي ‘شيشي جو گهر’ 1962ع ۾ ڇپي. ان کانپوءِ پاڻ لڳاتار ڪهاڻيون لکي ڇپرائڻ لڳو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سندس شمار سنڌ جي پهرين صف جي ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ويهن سالن جي عمر ۾ 1964ع ۾ ‘نئون شھر’ جي نالي سان ڇپيو. هيستائين سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ‘رات جا نيڻ’ (1969ع)، ‘رات منهنجي روح ۾’ (1979ع)، ‘سٺ ستر اسي’ (1990ع)، ‘عورت ۽ پيار’ (1994ع) شايع ٿي چڪا آهن. غلام نبي مغل جي ڪهاڻين جا ٻين ٻولين ۾ ترجما بہ ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻي ‘شيشي جو گهر’ ٻہ ڀيرا ڊرامي جي روپ ۾ پڻ ٽيلي ڪاسٽ ٿي چڪي آهي.
غلام نبي مغل 1959ع ۾ طارق اشرف سان گڏجي ‘ادارہ ادب نو’ نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ٻين ڪجهہ ڪتابن کانسواءِ شمشير الحيدريءَ جو پهريون شعري ڳٽڪو ‘لاٽ’ پڻ شايع ڪيو ويو. 1970ع ۾ جڏهن طارق اشرف ماهوار ‘سھڻي’ رسالو جاري ڪيو تہ انهيءَ ۾ غلام نبي مغل نہ رڳو سندس ٻانهن ٻيلي رهيو، پر پس پردہ رهي سهڻيءَ جي جياپي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. ‘سھڻي’ رسالي جي ٻئي دور ۾ پڻ طارق اشرف کي ‘مغل’ جو ساٿ رهيو ۽ انهيءَ ۾ سندس ڪالم ‘يڪ نعره حيدري’ سٺي مقبوليت ماڻي. ايئن غلام نبي مغل هڪ سٺو ڪالم نويس پڻ رهيو آهي. سندس ٻيو ڪالم ‘اڇا اکر’ جي نالي سان روزاني ‘برسات’ ۾ شايع ٿيندو هو. غلام نبي مغل جي ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي تنوير عباسي لکي ٿو تہ: غلام نبي انهن ٿورن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جن وٽ موضوع توڙي اسلوب جي لحاظ کان انفراديت آهي. 1960ع ۾ جڏهن غلام نبي مغل لکڻ شروع ڪيو تہ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ان وقت گهڻو ڪري ڳوٺاڻو ماحول ۽ ڪردار موضوع بڻيل هئا. غلام نبي مغل وٽ شھري زندگيءَ جي پيچيدگين وارو انوکو موضوع آهي، جيڪو هن جي شھري زندگيءَ جي اونهي مشاهدي توڙي اڀياس جي شاهدي ڏئي ٿو. سندس ڪردار بہ شھري زندگيءَ جي وچولي توڙي هيٺئين طبقي مان کنيل آهن، جن جي روش- ٻولي توڙي نفسيات جي اپٽار اونهي اڀياس ۽ گهري مشاهدي کان سواءِ ناممڪن آهي.
ڪهاڻيءَ سان گڏ غلام نبي مغل، ناول نگاريءَ ۾ پڻ پنھنجي ڌاڪ ڄمائي. سندس چار ناول ‘اوڙاھہ’ (1994ع)، ‘دونهاٽيل راتيون’ (1996ع)، ‘مون کي ساھہ کڻڻ ڏيو’ (2001ع) ۽ ‘وطن واويلا’ (2008ع) ڇپيل آهن. ان کان سواءِ هن 1965ع ۾ فرينچ ليکڪ ‘پيري لوئي’ جي ناوليٽ ‘وومين اينڊ دي پيٽ’ جو ترجمو ڪيو، جيڪو ‘عورت ۽ پيار’ جي نالي سان شايع ٿيو. 1995ع ۾ مغل پنجابي ليکڪ فخر زمان جي ناول ‘بنديوان’ جو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو، جيڪو ‘قيدي’ جي نالي سان ڇپيو. غلام نبي مغل کي سندس ڪتاب ‘رات منهنجي روح ۾’ تي 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران سال جي بھترين افسانوي ادب جو انعام مليو ۽ سندس ناول ‘وطن واويلا’ تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 2010ع ۾ سال جي بھترين ڪتاب جو سنڌ سنگ رشيد ڀٽي اوارڊ ڏنو ويو. هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.