
غلام نبي مگسي
غلام نبي مگسي: مشھور وڪيل، ليکڪ ۽ قومپرست، غلام نبي ولد ڌڻي بخش مگسي، 10 اپريل 1950ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ھن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ ھاءِ اسڪول دادوءَ مان 1966ع ۾، بي. اي، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان سر عبدالله ھارون ڪاليج لياري، ڪراچيءَ مان پاس ڪيا. ھن عملي زندگيءَ جي شروعات اينيمل ھسبينڊري حيدرآباد ۾ جونيئر ڪلرڪ طور ڪئي. ان دوران قومپرست سياست سان سلهاڙجڻ سبب حيدرآباد پمفليٽ ڪيس ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، ظفر اڄڻ سميت گرفتار ٿيو، جنھن دوران 13 مھينا حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ قيد رھيو. جنھن سبب کيس نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويو. ھيءُ پاڪستان ريلوي ۾ دادوءَ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. بعد ۾ گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول لياري، ڪراچيءَ ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رھڻ دوران شام جي وقت صحافت ڪيائين ۽ روزاني ھلال پاڪستان، امن ۽ مساوات اخبارن ۾ ڪم ڪيائين. 1990ع ڌاري سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر ٿي وڪالت شروع ڪيائين.
غلام نبي سياسي سوچ رکندڙ قومپرست ۽ ڪميونسٽ نظريي جو حامي رھيو آھي. 1972ع وارن ٻوليءَ جي فسادن دوران ست مھينا ڪراچي جيل ۾ قيد رھيو. غلام نبي 1973ع ۾ 4 مارچ جو جلسو ڪراچيءَ ۾ ڪرائڻ تي سائين جي. ايم. سيد سان گرفتار ٿيو ۽ يارھن مھينا جيل ۾ رھيو. غلام نبي مختلف سياسي تنظيمن ۾ رھيو. ھيءُ سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪراچيءَ جو باني چيئرمئن، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪراچيءَ جو باني ميمبر، اطلاعات نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري، سنڌ ريسرچر ۽ ڊيولپمينٽ فورم ڪراچيءَ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر، ترقي پسند پارٽيءَ جو ميمبر سميت ٻين ڪيترين سياسي، سماجي پارٽين ۾ رھيو. ھيءُ ڪيترين ئي اخبارن: روزاني عوامي آواز، ھلال پاڪستان، برساتن ۽ مختلف رسالن: ماھوار پورب ۽ ماھوار لوچ ۾ ڪيترو وقت ڪم ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘سوچون سڏ پڙاڏا’ قابل ذڪر آھي.