
غلام نبي ناشاد
غلام نبي ‘ناشاد’: نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم غلام نبي ناشاد، 12 جنوري 1955ع تي محمد اشرف قاضيءَ جي گهر ۾ ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ايم.اي (ايڪنامڪس) تائين تعليم حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ رهيو اٿس. شاگرديءَ واري دور کان شاعري ڪرڻ لڳو ۽ اڳتي هلي ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ‘وطن جو شھيد’ عنوان سان چيو، سندس پهرين ڪهاڻي ‘هيڏا هاڃا ٿين’ 1977ع ۾ ماهوار رسالي هلچل ۾ ڇپي. جنهن بعد سندس نظم توڙي نثر ۾ لکڻيون مختلف سنڌي رسالن: سهڻي، ادب، ساڃاھہ، پيغام، هلچل، سوجهرو، اديون، ڪينجهر، سرتيون، چانڊوڪي، نئون سج، ٻالڪ رنگ، مهاڏو، نئين دنيا پبليڪيشن، گرامي پبليڪيشن، ترشنا پبليڪيشن، باک پبليڪيشن ۽ مهراڻ ۾ ڇپجنديون رهيون. غلام نبي ناشاد جا غزل، غلام علي سنديلي، ذوالفقار علي سامٽيئي ۽ ٻين فنڪارن جي آواز ۾ ريڊيو تي رڪارڊ ٿيل آهن. هي سڄي زندگي ساهتي پرڳڻي ۾ ادبي شعور ڦهلائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ادبي لائبريريون ۽ ادبي تنظيمون قائم ڪرائڻ ۾ سندن وڏو هٿ رهيو آهي. هن 12 جنوري 1976ع تي سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ جو بنياد وڌو، جنهن جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ لاڳيتو تيرهن سالن تائين ان شاخ جو سيڪريٽري رهندو آيو. ان کانسواءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪنڊياري جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشهري فيروز جو 1992ع ۾ رابطا سيڪريٽري ۽ 1992ع کان 1994ع ۽ 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي خزانچي، ساهتي سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري، ساهتي لائبريري خانواهڻ جو انچارج، سنڌي ٻارڙا ادبي سنگت خانواهڻ جو سرپرست اعلى، فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن آف پاڪستان، تنيا ڪميونٽي يونٽ جو خزانچي ۽ ريجنل ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڀٽائي ٽرسٽ فار ريفارمس ضلعي نوشهري فيروز جو وائيس چيئرمين پڻ رهيو آهي. هن پبلشر جي حيثيت ۾ نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب ‘منهنجون بھترين ڪهاڻيون’ 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کانسواءِ ڪتاب ‘ناچڻيءَ جو جنم’ (1979ع)، ڪونج پبليڪيشن جو پهريون پرچو 1992ع ۽ ٻيو پرچو 1992ع، ڪهاڻي نمبر (سنڌي ادبي سنگت: 1993ع)، شاعري نمبر (سنڌي ادبي سنگت: 1994ع)، ڪارڪردگي نمبر (سنڌي ادبي سنگت: 1994ع) جي ڇپائيءَ ۾ مرتب ۽ ٻانهن ٻيليءَ طور ڪم ڪيائين. سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: (1) پڳھہ ڇوڙيا '>پرين پڳھہ ڇوڙيا (ترجمو: 1993ع)، (2) وري ورندا واءُ (ڪهاڻيون: 1999ع)، (3) سچ، سونهن ۽ سرهاڻ (شاعري: 2006ع) شامل آهن.
غلام نبي ناشاد کي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جن ۾ (1) ‘سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدار جو ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ’ (1998ع)، (2) ‘ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ’ (1999ع) شامل آهن.