
غلطي معاف
غلطي معاف (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور صحافي ۽ اديب جاويد جوکئي جي مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب ۽ ماهوار نئين زندگيءَ جي ايڊيٽر وشال امير لکيو آهي. بئڪ ٽائيٽل نامور اديب عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ سماجي، ادبي، لطيفيات ۽ ڪرنٽ افيئر تي ڪجهہ مضمون شامل آهن. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، جنوري 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.