غمدل فقير جو ميلو: ارڙهين صديءَ جي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر غمدل فقير جو ساليانو ميلو 23، 24 ۽ 25 محرم الحرام/ 19، 20 ۽ 21 آڪٽوبر تي ڪنڊياري جي شھر درٻيلي ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملھہ، ڪبڊي راند، ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جو انعامي مقابلو، مختلف شين جا دڪان سينگارڻ تي انعام، رڇ ۽ ڪتي جي ويڙھہ ۽ محفل موسيقي منعقد ٿيندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي.وي جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند ۽ مريد اچي حاضري ڀريندا آهن.