
غمدل فقير جو ڪلام
غمدل فقير جو ڪلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري صوفي شاعر ۽ بزرگ غمدل فقير دايو جي ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي ذوالقرنين مزمل ابڙي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪلام کي مختلف حصن/ عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾: نعت شريف، حيدر، شبير و شبر، دستگير پيران پير غوث اعظم، عشق امام، رند قلندر، فقير، مست الستي، مرشد مهتاب مڌر، سحرفي، حقيقت پاڻ سڃاڻڻ، درد فراق، سر مارئي، سر مومل راڻو، سر نوري ڄام تماچي، سُر سسئي پنهون، سر صوفي، سر هير رانجها، سر پورب، ساڌو سناسي، سر بسنت بهار، سھرو ۽ متفرقيه وغيرہ شامل آهن. ڪتاب جي مھڙ ۾ ‘تهميد’ جي سِري سان غمدل فقير جي زندگيءَ بابت تفصيلي احوال ڏنل آهن. 464 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 550 روپيا ڄاڻايل آهي.