غني اسماء الحسنيٰ

غني (اسماء الحسنيٰ): هن اسم مبارڪ جي معنيٰ وڏو بي نياز، بي پرواھہ ۽ ڪنهن جو محتاج ناهي. تعاليٰ سڀني مخلوقن کان پنھنجي قدرت جي بنا تي بي پرواھہ ۽ بي نياز آهي ۽ سڀ ان جا ئي محتاج آهن. اگر سڀئي مخلوقون هن جي حمد ۽ ثنا بيان ڪرڻ بند ڪري ڇڏين تڏهن بہ تعاليٰ کي ڪو فرق نٿو پوي. تعاليٰ جنهن کي چاهي دنيا ۾ غني ڪري ۽ جنهن کي چاهي محتاج ڪري پر قيامت جي ڏينهن سڀ ڪو پنھنجي عملن جي مطابق جزا حاصل ڪندو. هي اسم پاڪ جمالي ۽ جلالي ٻنهي ۾ اچي ٿو. هن جا ابجدي عدد 1060 آهن ۽ هي قرآن مجيد ۾ ارڙهن دفعا آيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو