غواص

غواص: غواص جي معنيٰ آهي ‘ٽوٻو’. قديم زماني ۾ ٽوٻا (غواص) بہ هڪ قسم جا پورهيت هئا، جيڪي سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي، موتي ميڙي ڪڍندا هئا. غواص موتي هٿ ڪرڻ لاءِ سمنڊ جون تڪليفون سهندا هئا ۽ هو اونهي پاڻيءَ جي اڇ ۾ ڪاهي پوندا هئا. ‘جهريون’ وهڪري واريون لهرون جهاڳيندا هئا ۽ ڪارن ڪُنن سان مهاڏو اٽڪائي سمنڊ سوجهي آڻيندا هئا. انهن غواص جو ذڪر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ سـُر سريراڳ ۾ هن ريت ڪيو آهي.
اي گت غواص، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهہ پاتال جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون موتي لعل هٿن سين.
آڇارا عميق جا، گڏيا غواصن،
جهريون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنن،
سمنڊ سوجهي جن، آڻي امل اوليا.


لفظ غواصھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو