غوثپور

غوثپور (شھر): سنڌو درياھہ جي ڪناري قائم هن قديم شھر بابت عام راءِ آهي تہ هي شھر بزرگ شاھہ حسين شاھہ جيلانيءَ آباد ڪيو، پاڻ وقت جو ولي، غوث ۽ وڏو ڪرامتن وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. تازو 2010ع ۾ جڏهن ٽوڙي بند ٽٽڻ سبب مھا ٻوڏ سنڌ ۾ تباهي مچائي تہ جنهن علائقي ۾ شاھہ حسين جيلاني پهريان پهريان جيڪي گهر آباد ڪيا هئا. اها ٽڪري هيٺاهينءَ تي هوندي ٻہ ٻڏي ڪانہ هئي. توڙي جو سڄي غو ثپور جي علائقي کي ٻوڏ جو پاڻي ورائي ويو. انهي بزرگ جي نسبت هن شھر تي غوثپور شريف نالو پيو. غوثپور شھر ۽ آسپاس ۾ جيڪي قبيلا رهن ٿا، تن ۾ بجاراڻي، چاچڙ، ملڪ، ڀيا، ميراڻي، بروهي، اوڳاهي، باجڪاڻي، سبزوئي، نندواڻي، سھرياڻي ۽ ڪافي ٻيا بلوچ ذاتين وارا اچي وڃن ٿا. راجا غوث بخش خان بجاراڻيءَ جو ڳوٺ بہ اتي واقع آهي. هي ساريال علائقو آهي، ڪجهہ ڪلراٺي زمين پر زرخيز ۽ آباد آهي. غوثپور ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول، پوليس ٿاڻو، اسپتالون ۽ بازارون قائم آهن.هتي ڪافي هندو بہ رهن ٿا، جيڪي ڪاروبارڪن ٿا. مسجدن ۽ درگاهن کان سواءِ مندر ۽ سماڌيون بہ آهن. سنت ڀائي غريبداس جي سماڌيءَ تي هر سال مئي ۾ ميلو لڳندو آهي. آسپاس جي ڳوٺن ۾ تعليم جي اڻاٺ، ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر آباديءَ لاءِ ماڻهن کي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون آهن. غوثپور شھر ۾ قائم پراڻي مسجد ۽ شاھہ حسين جيلانيءَ جو روضو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جيڪي مغليه طرز تعمير جو نمونو آهن.
هن شھر ۾ سيد ڌڻي ڏني شاھہ جيلانيءَ جي آڳاٽي لائبريريءَ ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ قلمي نسخا موجود هئا، جيڪي سندس پونئرن سنڌالاجي ۽ ٻين ادارن کي ڏنا. ان لائبريري ۾ سڄي سنڌ جي سيدن جو شجرو پڻ موجود آهي. ان لائبريريءَ جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ بي بي سيءَ جي رضا علي عابديءَ پڻ ڪيو آهي. هن شھر جي ڏکڻ طرف حضرت شاھہ محمد شاھہ جيلانيءَ جي تربت پڻ آهي ۽ جنهن جا و ڏا گهوٽڪيءَ جي پاسي جا هئا. هن علائقي ۾ درياھہ جو پراڻو بند، بيگاري فيڊر ۽ ڏکڻ طرف رپ جو علائقو پڻ مشھور آهي.


لفظ غوثپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو