
غوث بخش بروهي
غوث بخش بروهي: غوث بخش ولد عطا محمد ذات بروهي، کڏڙو، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري ۾ رهندڙ آهي. اصل ۾ سندس وڏا قلات، بلوچستان جا لاڏائو هئا. پر پاڻ کڏڙي ۾ ڄائو، نپنو، سندس ماروٽ محمد صالح بانسري وڄائيندو هو. ان کان متاثر ٿي هن بہ پهرين بينون ۽ پوءِ بانسري محمد صالح کان سکي. ان کان پوءِ باقاعدہ ڳانو حاجي خان چانڊئي کان ٻڌايائين. هن وقت سندس عمر 80 سال کن آهي. ريڊيو تي کيس پير محمد احسان جان سرهندي، 1975ع ۾ متعارف ڪرايو، جڏهن تہ ساڳئي سال ٽي. ويءَ تي عبدالڪريم بلوچ کيس آندو. هن وقت پاڪستان جي سٺن بانسري نوازن مان آهي. هن پنھنجي فن جو مظاهرو ملڪ کان ٻاهر بہ ڪيو آهي. 1984ع ۾ لنڊن، هالينڊ وغيرہ ويو، کيس فن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. جن ۾ لطيف اوارڊ (1995ع)، شھباز گولڊ ميڊل اوارڊ (99-98-97ع)، جلال کٽي اوارڊ، سخي ڄام ڏاتار اوارڊ وغيرہ مليل آهن. پاڻ سلامت علي خان، مصري خان جمالي، جيڪو سندس استاد ٿئي ۽ حاجي خان چانڊئي کان متاثر آهي. پاڻ بلوچي، سنڌي، براهوي، مارواڙي، پشتو ۽ اردو جون ڌنون نهايت خوبصورتيءَ سان وڄائي ٿو. سندس شاگردن ۾ سندس ڀاڻج امير علي ۽ سرور چانڊيو سٺو وڄائين ٿا. سر جو سفر جاري آهي. غوث بخش ملڻ جلڻ جو، اوطاقي مڙس آهي. هن دور ۾ غوث بخش کان مٿي ڪو بہ الغوزا نواز ڪونه آهي.