غوطر (Goitre): نڙيءَ جي هن بيماريءَ کي ڳلي جي واڙل ۽ ڪنٺ مالا بہ چئبو آهي. هيءَ بيماري ٿائرائيڊ غدود (Thyroid Gland) جي وڌي وڃڻ ڪري ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري نڙيءَ جو اڳيون حصو سُڄي (ٻاهر نڪري) پوندو آهي. هن بيماريءَ جو بنيادي سبب کاڌي ۾ آيوڊين لوڻ (Iodine Salt) جي گهٽتائي هوندي آهي. جيڪو لوڻ ٿائرائيڊ هارمون (Thyroid Hormone) جي پيداوار کي وڌائيندو ۽ جسم ۾ جيتري هارمون جي ضرورت هوندي ان جي مقدار کي برقرار رکندو آهي. هن قسم جي بيماري گهڻو ڪري اهڙن ماڻهن کي ٿئي ٿي، جيڪي سمنڊ جي سطح کان مٿائين هنڌن (Highlands) تي رهن ٿا ۽ مڇي خاص ڪري سامونڊي مڇي گهٽ کائين ٿا.
هن سادي قسم جي واڙل ۾ T3 ۽ T4 گهٽجي ويندا آهن ۽ ڳلي ۾ غير طبعي گوشت وڌي ويندو آهي، جيڪو ڳوڙهي (غدود) وانگي نڙيءَ جي سامهون ٻاهر نڪتل هوندو آهي. جيڪڏهن سوڄ وڌي ويندي آهي تہ کاڌي جي نالي سوڙهي ٿي ويندي آهي. تنهن ڪري ڳيت ڏيڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. ساھہ گهُٽبو آهي. نڙي ويهي ويندي (Hoarseness) آهي. واڙل جا تمام گهڻا قسم آهن، پر سڀني کان وڌيڪ Exophthalmos Goiter يا (Grave’s Disease) ٿئي ٿو، جنهن جو سبب ٿائرائيڊ غدود مان گهڻي مقدار ۾ ۽ گهڻي عرصي تائين ٿائرائيڊ هارمون (Hyperthyroidism) خارج ٿيندا آهن. جنهن جي ڪري اکين جا دوڏا گول ٿي ٻاهر نڪري بيهندا آهن. وڌيڪ گنڀيرتا واري حالت ۾ اکين جا ڇپر (Eyelids) پوئتي مٿي هليا ويندا آهن. تنهن ڪري مريض اکيون ڇنڀي ناهي سگهندو. ننڊ ۾ مريض جون اکيون کليل محسوس ٿينديون آهن. هن قسم جي ڪنٺ مالا مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي وڌيڪ ٿيندي آهي. جيڪا گهڻو ڪري ويهن سالن کان پنجاھہ سالن (20 کان 50 سالن) جي وچ ۾ ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هن قسم جي ڪنٺ مالا جي اوسر ٻاروتڻي ۾ ٿيندي آهي، پر ظاهر جواني چڙهڻ سان ويهن سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي آهي.