غير سامي مذهبن جا باني

غير سامي مذهبن جا باني

غير سامي مذهبن جا باني

غير سامي مذهبن جا باني (ڪتاب): هي نامور ليکڪ الطاف جاويد جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو جاويد ميمڻ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ ‘وحدت انسانيت’ جي عنوان سان، ڪتاب ‘مذهب جو فلسفو’ مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تحرير جو ٽڪرو ڏنل آهي. ڪتاب مختلف موضوعن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ترتيب وار آريا قوم جي مذهب جو تاريخي پسمنظر، ويدڪ مت (هندو مذهب)، گوتم ٻُڌ ۽ ٻڌمت، مهاوير ۽ جين مت، آخناتون، زرتشت، ڪنفيوشس ۽ سقراط شامل آهن.
ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل ۾ پڪي جلد سان 254 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي قيمت 175 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو