فائزا علي
فائزا علي: گلوڪاره ۽ ٽڪ ٽاڪر فائزا علي جو جنم 9 آڪٽوبر 2002ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن ڳائڻ جي شروعات 2018ع ۾ فنڪار وقار ملاح جي سھڪار سان ڪئي. ڪيترن ئي مشھور فنڪارن سان گڏ سنڌي ۽ ڪجهه اردو گيت ڳايل اٿس. سندس ڪجهه ميوزڪ البم پڻ رليز ٿي چڪا آهن. ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي به مقبول آهي. سوشل ميڊيا تي فالورز جي وڏي انگ سبب باقاعدگي سان مداحن لاءِ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيندي رهي ٿي. سندس شادي اڳوڻي ڪمشنر FBR عبدالحميد ابڙي سان ٿيل آهي.
2002.10.09 عيسوي
گلوڪاره ۽ ٽڪ ٽاڪر فائزا علي جو جنم 9 آڪٽوبر 2002ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.